Aashiqon ka Hajj

Book Name:Aashiqon ka Hajj

﴿2 سمورا گُناھ مُعاف

اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِ نَا وَ مَوْلَانَا مُحَمَّدٍ وَّ عَلٰی اٰلِہٖ وَسَلِّمْ

حضرتِ سيدُنا انس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته تاجدارِ مدينہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪو شَخص اهو دُرُود شريف پڙهي جيڪڏهن بيٺل هو تو ويهڻ کان پهريان ۽ ويٺل هو ته بيهڻ کان پهريان، ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا.([1])

﴿3رَحمت جا ستّر دروازا

صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّدٍ

جيڪو اهو دُرُود شريف پڙهندو آهي ان تي رحمت جا ستر دروازا کوليا ويندا آهن.([2])

﴿4﴾ڇھ لک دُرُودشريفن جو ثواب

اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ عَدَدَ مَا فِیْ عِلْمِ اللّٰہِ صَلَاۃً دَ اۤ ئِمَۃًۢ بِدَوَامِ مُلْكِ اللّٰہِ

حضرت اَحمد صاوِي عَلَیۡهِ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ الۡھَادِی ڪن بُزرگن کان نقل ڪن ٿا هن دُرُود شريف کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ڇھ لک دُرُودشريف پڙهڻ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي. ([3])

 



[1]افضل الصلوات علی سید السادات،الصلاۃ الحادیۃ عشرۃ، ص 65

[2]القول البدیع،الباب الثانی، ص277،

[3]افضل الصلوات علی سید السادات،الصلاۃ الثانیۃ والخمسون،ص149