Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

مان بدبو ڦهلائي مسجد جي بي ادبي کان بچي ويندو آهيان ته جواب طور عرض آهي ضروري ناهي ته ظاهري شين سان ئي مسجد ۾بدبو ڦهلجندي آهي بلڪ اڄ اسان جي اڪثريت اهڙي مرض ۾ ورتل آهي جنهن جو اسان کي احساس به ناهي ٿيندو ۽ اسان مسجدون ’’بدبُودار‘‘ ڪندا آهيون. هڪ روايت ۾ آهي ته جيڪي ماڻهو غيبت ڪندا آهن ۽ جيڪي ماڻهو مسجد ۾ دنيا جون ڳالهيون ڪندا آهن انهن جي وات مان گندي بدبوءِ نڪرندي آهي جنهن سان فرشتا الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاهه ۾ شڪايت ڪندا آهن۔

 (فتاویٰ رضویہ مخرجہ ، ۱۶ /۳۱۲)

هن روايت جي روشني ۾ اسان پنهنجو ۽ پنهنجي معاشري جو جائزو وٺون ته ڇا اسان جي ذهن جي ڪنهن خاني ۾ ڪڏهن اها ڳالھ آئي ته مسجد ۾ غيبت ڪرڻ، مسجد ۾ دنياوي ڳالهيون ڪرڻ به وات مان گندي بدبو نڪرڻ جو سبب آهن؟ ڇا ڪڏهن اسان جو هن پاسي به ڌيان ويو ته اسان کي مسجد ۾ فضول ڳالهائڻ نه گھرجي؟ ياد رکو! مسجد جي تعمير جو مقصد ان ۾ دنياوي ڳالهيون ڪرڻ ناهي، بلڪ ياد الٰهي ۾ مشغول رهڻ آهي، حديث شريف ۾ آهي؛ جنهن الله عَزَّ وَجَلَّ جي داعي (يعني دعوت ڏيڻ واري) جي آواز تي لبيڪ چيو ۽ الله تعاليٰ جون مسجدون سٺيون ٺهرايون، ته ان جو بدلو اللہ  تعاليٰ وٽ جنّت آهي۔عرض ڪيو ويو: يارسول لله   صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ واٰلہٖ وسلَّم! مسجدن جي بهتر تعمير ڇا آهي؟ فرمايو؛ هن ۾ آواز بلند نه ڪرڻ ۽ ڪا بيهوده ڳالھ زبان مان نه ڪڍڻ. (کنزالعمال،کتاب الصلاة،قسم الاقوال،۷/۲۷۳، حدیث:۲۰۸۳۷)  اسان جا بزرگ مسجد جي آدابن جو وڏو خيال رکندا ۽ مسجد ۾ دنيوي ڳالهيون ڪرڻ کي ناپسند ڪندا هئا۔