Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن تان مير لاهڻ، ٻين جي سامهون بار بار نڪ کي هٿ لڳائڻ، يا نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪ اڇلائڻ سٺي ڳالهه ناهي ان سان ٻين کي ڪراهت محسوس ٿيندي آهي (6) جيستائين ٻيو ڳالهائي رهيو هجي ته اطمينان سان ٻُڌو، ان جي ڳالهه ڪٽي پنهنجي ڳالهه شروع ڪرڻ سنّت ناهي (7) ڳالهه ٻولهه ڪندي بلڪ ڪنهن به حالت ۾ ٽهڪ نه ڏيو ڇوته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به ٽهڪ نه ڏنو (8) گھڻو ڳالهائڻ ۽ هر هر ٽهڪ ڏيڻ سان رعب ختم ٿي ويندو آهي.

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل ٻه ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 (304 صفحا) ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو۔ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي۔

 

لوٹنے رَحمتیں  قافلے  میں  چلو

ہوں گی حل مشکلیں قافلے میں چلو

 

سیکھنے  سنتیں  قافلے  میں  چلو

ختم ہوں شامتیں قافِلے میں چلو

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد