Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf

(2)   واپار ڪرڻ وارو جعلي ۽ اصلي نوٽن کي سڃاڻپ جو طريقو سکي ۽ نه پاڻ جعلي نوٽ وٺي نه ڪنهن ٻي کي ڏئي ته جيئن مسلمانن جو حق ضايع نه ٿئي ۔

(3)   جيڪڏهن ڪو جَعلي نوٽ ڏئي وڃي (۽ ڏيڻ واري جي خبر نه پوي) ته اهو ڪنهن ٻي کي نه ڏيڻ گھرجي (۽ جيڪڏهن ڏيڻ واري جو پتو پئجي وڃي ته (ان کان پنهنجي اَصل رقم وٺي) ان کي به اهو جعلي نوٽ موٽائڻ نه گھرجي) بلڪ ٽڪرا ڪري اڇلائڻ گھرجي ته جيئن اهو ڪنهن ٻئي کي ڌوڪو نه ڏئي سگھي۔

(4)  پنهنجي مال جي حد کان وڌيڪ واکاڻ نه ڪري، ڇوته اهو ڪوڙ ۽ فريب آهي ۽ جيڪڏهن خريدار ان مال جي صفتن بابت پهريان کان باخبر آهي ته ان جي جائز ۽ صحيح واکاڻ به نه ڪري ڇو ته هي فُضُول آهي۔

(5)  جيڪڏهن پاڻ وٽ مَوجُود صحيح مال ۾ ڪو عيب پيدا ٿي ويو ته ان کي گراهڪ کان نه لڪائي، نه ته ظالم ۽ گناهگار ٿيندو۔

(6)  وَزن ڪرڻ ۽ ناپڻ ۾ ڌوڪو نه بلڪ پُورو توري ۽ پورو ناپي ۔

(7)  اَصل قيمت کي لڪائي ڪري ڪنهن ماڻهو کي ڌوڪو نه ڏيڻ گھرجي۔

(8) تمام گھڻو نفعو نه رکي، جيتوڻيڪ خريدار ڪنهن مجبوري جي ڪري ان زِيادتي تي راضي هجي۔

(9) مُحتاجن جو مال وڌيڪ قيمت ۾ خريدي ته جيئن انهن کي به مسرت