Book Name:Kamyab Tajir kay Ausaf
ئي سڀ ڪم ڪرڻ ويهي رهي (مثلاً پاڻ ئي ٻني ٻارو ڪري، وري اناج به پاڻ ئي پيهي، ڪپڙو اُڻي پاڻ ئي سبي) ته شايد ناڪام ٿي ويندو ۽ پنهنجي زندگي جا ڏينهن آساني سان نه گذاري سگھندو، ان ڪري هن ۾ الله عَزَّ وَجَلَّ جي حڪمت آهي ته ان سڀني انسانن کي مختلف شعبن ۽ مُتَعدّد قسمن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ته هر هڪ جماعت پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري ۽ سڀني جي ملڻ سان سڀني ماڻهن جو ضرورتون پوريون ٿين، مثال طور ڪو ڪپڙو اُڻندو آهي، ڪو پنهنجي هٿن سان ٻيا ڪم ڪندو آهي، جيئن ٻني ڪرڻ واري کي ڪپڙي جي ضرورت پوندي آهي اهڙي طرح ڪپڙو اُڻڻ وارو به اناج وغيره حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻني ٻاري وارن جو محتاج هوندو آهي، هرهڪ کي ٻئي جي ضرورت هوندي آهي، ان ڪري اها ضرورت پيدا ٿي ته هر هڪ جي شيء ٻئي وٽ پهچي وڃي ته جيئن سڀني جو حاجتون پوريون ٿي وڃن ۽ ڪمن ۾ به دشواريون نه ٿين، ائين معاملات جو سلسلو شروع ٿيو ۽ خريد و فروخت وغيره هر قسم جا مُعاملات وُجُود ۾ آيا۔([1])
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً واپار يا خريد و فروخت هڪ سٺو ۽ جائز عمل آهي، ان ڪري اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا صحابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ پاڻ ۾ خريد و فروخت ڪندا ۽ ڪپڙي وغيره جو واپار پڻ ڪندا هئا ۽ اهڙي طرح عالم سڳورا ۽ صُلحاء ڪرام يعني نيڪ انسان رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی به تجارت ڪندا هئا پر ڪڏهن به اسلام جي عطا ڪيل واپار جي اصولن کان پري نه ٿيندا هئا۔