Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat
تعالـٰي مون جهڙي فاسِق ۽ فاجر جي توبه قبول ڪندو جڏهن مان توبه ڪيان؟ شيخ فرمايو؛ بيشڪ الله تعالـٰي تنهنجي توبه قبول فرمائيندو، جڏهن عُتبةُ الغلام عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ السَّلام هي ڳالهه ٻڌي ته سندن جو چهرو پيلو ٿي ويو، سڄو بدن ڏڪڻ لڳو، رڙيون ڪرڻ لڳا ۽ غش ٿي ڪري پيا، جڏهن هوش آيو ته حضرت سيدنا حسن بصري عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ الۡقَوِی سندن جي ويجھو اچي اهي شعر پڙهيا؛
اَیَا شَابًّا لِّرَبِّ الْعَرْشِ عَاصِیْ اَتَدْرِیْ مَاجَزَاءُ ذَوِی الْمَعَاصِیْ
(اي رب العرش جي نافرماني ڪرڻ وارا نوجوان ! ڇا تون ڄاڻي ٿو ته گنهگارن جي سزا ڇا آهي)
سَعِیْرٌ لِّلْعُصَاة لَھَا زَفِیْرٌ وَغَیْظُ یَوْمٍ یُؤْخَذُ بِالنَّوَاصِیْ
(نافرمانن جي لاءِ گرجڻ واري جھنم آهي جنهن ۾ گرج ٿيندي ۽ جنهن ڏينهن پيشانين سان پڪڙيا ويندا، ان ڏينهن غضب ٿيندو)
فَاِنْ تَصْبِرْ عَلَی النِّیْرَانِ فَاعْصِہُ وَاِلَّا کُنْ عَنِ الْعِصْیَانِ قَاصِیْ
(پس جيڪڏهن تو باهه تي صبر ڪري سگھين ته نافرماني ڪري وٺ، نه ته نافرماني کان پري ٿي وڃ)
وَفِیْمَا قَدْ کَسَبْتَ مِنَ الْخَطَایَا رَھِنْتَ النَّفْسَ فَاجْھَدْفِی الْخَلَاصِیْ
(تو جيڪي گناهه ڪيا آهن ان ۾ تو پنهنجي نفس کي ڦاسائي ڇڏيو، ته هاڻي نجات جي لاءِ ڪوشش ڪر)
عُتبَةُ الغُلام عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ السّلَام تي رقت طاري هئي، جڏهن ڪجھ هوش آيو ته چوڻ لڳا؛ اي شيخ! ڇا مون جھڙي ڪميڻي جي توبه به رب رحيم عَزَّوَجَلَّ