Meraj e Mustafa ki Hikmatain

Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

ڪافرن جي بُغْض ۽ عَداوت جا شُعلا ڀڙڪڻ لڳا، هر طرفان مَصيبتن ۽ تڪليفن جو طوفان اچي ويو۔ رَنج ۽ غم جي اونداهي ڏينهن به ڏينهن وڌندي وئي، پر هن اونداهيءَ ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا چاچا ابُو طالب ۽ اُمُّ الْمؤمِنين حضرت سَيدَتُنا خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جو وُجُود هر نازُڪ مرحلي تي پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي لاءِ تسڪين ۽ اطمينان جو سبب بڻيو رهيو، اِعلانِ نُبوَّت جي ڏهين سال پاڻ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چاچي وفات ڪئي، هن صَدمي جو زَخم اڃا ڀريو به نه هو جو پاڻ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اُنس رکندڙ ۽ غم خوار حضرت سَيدَتُنا خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا به وِصال ڪري ويون، مڪي جي ڪافرن کي هاڻي انهن زِيادتين کان روڪڻ ۽ ان جي ظُلم ۽ سِتَم تي مَلامت ڪرڻ وارو به ڪو نه رهيو، جنهن سبب انهن جون اِيذا رَسانيون (يعني انهن جي طرفان تڪليفون) ناقابلِ برداشت حد تائين وڌي وئيون۔

رسولِ اَڪرَم،نُوْرِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم طائف تشريف کڻي ويا ته شايد اتي جا ماڻهو پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هن دعوت کي قَبول ڪرڻ جي لاءِ آماده ٿي وڃن، پر اتي پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان جيڪو ظالماڻو ورتاؤ ڪيو ويو، ان جو اندازو نٿو لڳائي سگھجي، انهن حالتن ۾ جڏهن ظاهري طور هر پاسي مايوسي جو اَنڌيرو ڦهيلجي چُڪو هو ۽ ظاهري سهارا به ختم ٿي چڪا هئا، رحمتِ الٰهيءَ پنهنجي عَظْمَت ۽ ڪبريائي جي واضح نشانين جو مُشاهدو ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عالَمِ بالا جي سير جي لاءِ گھرايو، ته جيئن حالات جي ظاهري ناسازگاري پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي وڌيڪ غمگين نه ڪري سگھي۔

زہے عزّت و اِعتلائے مُحَمَّد(ﷺ)

مکاں عرش اُن کا فلک فرش اُن کا

 

خدا کی رِضا چاہتے ہیں دو عالَم

 

 

کہ ہے عرشِ حق زیرِپائے مُحَمَّد(ﷺ)

مَلَک خادمانِ سَرائے مُحَمَّد(ﷺ)

 

(

حدائقِ بخشش،ص65)  خدا چاہتا ہے رضائے مُحَمَّد(ﷺ