Meraj e Mustafa ki Hikmatain

Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

تم پر لاکھوں سلام

(سامانِ بخشش،ص80،81،82،83)

الله جي عنايت۔۔مرحبا                معراج جي عظمت۔۔مرحبا

بُراق جي قسمت ۔۔مرحبا    بُراق جي سُرعَت۔۔مرحبا

اَقْصيٰ جي شوڪت۔۔ مرحبا نبين جي اِمامت۔۔مرحبا

آقا جي رِفْعت۔۔ مرحبا        آسمان جي سِياحت۔۔مرحبا

مڪينِ لامڪان جي عظمت ۔۔مرحبا       چشمانِ نبوت ۔۔مرحبا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

معراج مصطفي جي هڪ ٻي حڪمت

معراج مصطفي جون حڪمتون جيڪي عالمن بيان ڪيون آهن، اُنهن مان هڪ حڪمت هي به هئي جو محبوبِ ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عظمت سموري ڪائنات تي ظاهر ٿئي، اِن ڪري جڏهن مسجدِ اقصٰي پهتا ته سڀني نبين سڳورن  عَلَيۡهِمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي اِمامت فرمائي ته جيئن تمام نبي  عَلَيۡهِمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام تي پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فضيلت ظاهر ٿئي (معارج النبوة ،رڪن سوم،ص۸۵) جيئن ته حضرت سَيدُنا اَنس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اِرشاد فرمائن ٿا: پوءِ مان بيتُ المقدس ۾ داخل ٿيس، پوءِ منهنجي لاءِ تمام انبياء عَلَيۡهِمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کي گڏ ڪيو ويو، ته سَيدُنا جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام مونکي اڳتي ڪيو، ايستائين جو مون سڀني جي اِمامت ڪرائي۔ (سنن نسائي،ص۸۱،حديث:۴۴۸)

نمازِ اَقصٰی میں تھا یہی سِرّ عیاں ہوں مَعنیِ اَوَّل آخر

کہ دَست بستہ ہیں پیچھے حاضر جو سلطنت آگے کر گئے تھے

(حدائقِ بخشش،ص 232)