Meraj e Mustafa ki Hikmatain

Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

معراج مصطفي جي هڪ ٻي حڪمت

دُرَّةُ النَّاصِحين ۾ معراج جي هڪ حڪمت اها به بيان ڪئي وئي آهي ته زمين ۽ آسمان جو مُڪالَمو ٿيو ته زمين آسمان تي فخر ڪندي چيو: مان تون کان افضل آهيان، ان ڪري جو الله تعاليٰ شهرن، دريائن، نهرن، وڻن، جبلن ۽ ٻين ڪيئي شين سان مون کي زِينت عطا ڪئي آهي۔

آسمان جواب ڏنو : مان تو کان بهتر آهيان، ان ڪري جو سج، چنڊ، تارا، آسمان، بُرج، عرش ۽ ڪرسي ۽ جنّت مون ۾ آهن "زمين چيو:"مون ۾ ڪعبو آهي، جنهن جي زِيارت ۽ طواف انبياء و مُرسلين، اولياء ۽ عام مؤمن ڪندا آهن، آسمان جواب ڏنو: مون تي بَيتُ المَعمُور آهي، هن جو طواف ملائڪ ڪندا آهن ۽ مون ۾ جنّت آهي جيڪا تمام انبياء و مُرسلين عَلَيۡهِمُ السَّلَام، تمام اولياء و صالحين رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهم اَجْمَعِين  جي مقدس رُوحن جو ٺڪاڻو آهي۔

زمين آسمان کي چيو: سَيدُالمرسلين، خاتمُ النَبين، حبيبِ رَبُّ العالمين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون تي اِقامت فرمائي ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم شريعت مون تي جاري ڪئي آهي۔

جڏهن آسمان اهو ٻڌو ته جواب ڏيڻ کان لاچار ٿي ويو ۽ ماٺ ٿي ويو۔ پوءِ آسمان الله تعاليٰ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: اي الله عَزَّوَجَلَّ تون ئي مُضطَر و پريشان جي مدد ڪندو آهين، جڏهن اهو توکي پُڪاري، پوءِ آسمان عرض ڪرڻ لڳو: تُون محمد مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي منهنجي طرف سڏ ته جيئن مان ان جو شرف حاصل ڪيان، جيئن تو زمين کي ان جي جمال سان شرف بخشيو آهي"۔ الله تعاليٰ هن جي دُعا قبول ڪئي ۽ معراج جي رات آسمان کي اهو شرف عطا فرمايو۔ (درة الناصحين،ص ۱۲۳)