Meraj e Mustafa ki Hikmatain

Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

ماڻهن وٽان گذريا، جن جا مٿا پٿرن سان چيڀاٽيا پئي ويا، هر ڀيري چيڀاٽڻ کان پوءِ اهو پهريان جيان دُرُست ٿي ويندا هئا ۽ (ٻيهر چيڀاٽيا ويندا هئا)، ان مُعَامَلي ۾ انهن سان ڪا سُستي نه ڪئي ويندي ھئي۔ پڇا ڪرڻ تي جبريلِ امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم عرض ڪيو: هي اهي ماڻهو آهن جن جا مٿا نماز سبب وزني ٿي ويندا هئا۔([1]) ڪجھ ماڻهو اهڙا به هئا جيڪي باھ جي ٽارين تي لٽڪيل هئا، هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي دُنيا ۾ پنهنجي والِدَين کي گاريون ڏيندا هئا۔([2]) حُضُور عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام ڪجھ اهڙن ماڻهن کي به ڏٺو جِن جا چَپَ اُٺن جي چپن جيان (وڏا وڏا) هئا، انهن تي اهڙا ماڻهو مُقَرَّر هئا جيڪي انهن جا چپ پڪڙي باھ جا وڏا وڏا پٿر انهن جي وات ۾ وجھندا هئا جيڪي انهن جي هيٺان کان نڪرندا هئا۔ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي معلوم ڪرڻ تي جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي يتيمن جو مال ظُلماً کائيندا آهن۔([3]) اهڙي طرح اهي ماڻهو جيڪي دُنيا ۾ پنهنجي مالن جي زڪوٰة نه ڏيندا هئا، مٺي آقا، معراج واري مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي هن حال ۾ ڏٺو جو انهن جي اڳيان پويان چيٿڙا لٽڪي رهيا هئا ۽ اُهي چوپاين جيان چَرندي ڪنڊيدار گاھ ٿوهر (هڪ خاردار ۽ زهريلو ٻوٽو کائي رهيا هئا) ۽ جهنّم جا تپيل (گرم) پٿر ڳڙڪائي رهيا هئا۔([4])

 



([1])...مجمع الزوائد،كتاب الايمان،باب منه فى الاسراء، ١/۲۳۶، الحديث:٢٣٥.

([2])...الزواجر، كتاب النفقات على الزوجات...الخ، الكبيرة الثانية بعد الثلاثمائة، ٢/۱۳۹

([3])...الشريعة للآجرى، باب...انه اسرى به...الخ، ٣/١٥٣٢، الحديث:١٠٢٧.

([4])...الترغيب والترهيب، ١/٣٠٨