Bandon kay Huquq

Book Name:Bandon kay Huquq

1.      ڪافي آهي جو اهو پنهنجي مسلمان ڀاءُ کي حقير سمجهي ـ

(سُنَنِ ابي داود ج4ص354 حديث 4882)

2.      جنهن جي ذمي پنهنجي ڀاءُ جي عزت وغيره ڪنهن ڳالهه جو ظلم هجي، ان کي لازم آهي ته قيامت جي ڏينهن اچڻ کان پهريان دنيا ۾ ئي ان کان معافي گهري وٺي، ڇو ته اتي نه دينار هوندا نه درهم، جيڪڏهن ان وٽ ڪجهه نيڪيون هونديون، ته ان جي حق جي مطابق، ان کان وٺي ان کي ڏني ويندي. نه ته اُن (مظلوم) جا گناهه اِن (ظالم) تي رکيا ويندا.

(بخاري، ج. 2، ص. 128، از غيبت جون تباهه ڪاريون، 294)

3.      دفتر (رجسٽر) ٽي آهن، هڪ دفتر ۾ الله تعالٰي ڪجهه نه بخشيندو ۽ هڪ دفتر جي الله تعالٰي کي ڪا پرواهه ناهي ۽ هڪ دفتر ۾ الله تعالٰي ڪجهه به نه ڇڏيندو، اهو دفتر جنهن ۾ اصلًا (بالڪل) معافي جي جڳهه ناهي، اهو ته ڪفر آهي ته ڪهڙي طرح نه بخشيو ويندو ۽ اهو دفتر جنهن جي الله عَزَّوَجَلَّ کي ڪا پرواهه ناهي، اهو ٻانهي جو گناهه آهي، خالص پنهنجي ۽ پنهنجي رب عَزَّوَجَلَّ جي معاملي ۾ (ته ڪنهن ڏينهن جو روزو ترڪ ڪيو يا ڪا نماز ڇڏي هوندي، الله تعالٰي چاهي ته ان کي معاف ڪري ڇڏي ۽ درگزر فرمائي) ۽ اهو دفتر جنهن مان الله تعالٰي ڪجهه نه ڇڏيندو اهو ٻانهن جو پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي ظلم آهي جو ان ۾ ضرور بدلو ٿيڻ آهي.

(مستدرڪ، ج. 5، ص. 794، حديث 8757، از فتاوٰي رضويه، ج. 24، ص. 460)

4.      توهان حقَ حقدارن جي حوالي ڪري ڇڏيندو ايستائين جو بنا سڱن واريءَ جو سڱن واري ٻڪري کان بدلو ورتو ويندو۔“

(صحيح مسلم ص 1394، حديث 2582)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هاڻي اسان چار احاديث مبارڪه ٻڌيون انهن مان بيان