Bandon kay Huquq

Book Name:Bandon kay Huquq

فرض نمازون تائين قضا ڪندي آهي۔ انهي وجهه کان مسجدون ويران پيون ٿين ،اهڙين حالتن ۾ انهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جو عزم ڪرڻ ۽ انهيءَ عزم جي تڪميل جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ يقيناً سَعادَت کان گھٽ ناهي۔ ان ڪري ڪوشش ڪيو ۽ مدني انعام نمبر 35 تي عمل ڪندي صداءِ مدينه لڳايو ۽ مسجدن جي آباد ڪاريءَ ۾ دعوتِ اسلاميءَ جو ساٿ ڏيو. اچو! ٻڌون ٿا ته مدني انعام نمبر ڇا آهي.

شيخِ طريقت اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه اسلامي ڀائرن جي 72 مدني انعامن مان مدني انعامات نمبر 35 ۾ ارشاد فرمائن ٿا: ”ڇا اڄ توهان صداءِ مدينه لڳايو؟ (دعوت اسلامي جي مدني ماحول ۾ فجر جي نماز جي لاءِ مسلمانن کي جاڳائڻ صداءِ مدينه لڳائڻ چورائيندو آهي)“

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اسان جا اسلاف به مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جڳائيندا رهندا هئا، مَنْقُول آهي ته اَمِيرُالمؤمنين حَضْرتِ سيدُنا عمرفاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو هي معمول هو جو پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ماڻهن کي نماز جي لاءِ بيدار ڪندا هئا، جڏهن نمازِ فجر جي لاءِ تَشْرِيف کڻي ايندا هئا ته راھ ۾ ماڻهن کي نماز جي لاءِ جڳائيندي ايندا، ۽ اذانِ فجر جي فوراً بعد جيڪڏهن مسجد ۾ ڪو سُتل هوندو هو ته ان کي به جڳائيندا هئا۔ (طبقات ڪبريٰ، ذڪر استخلاف عمر، ۳/۲۶۳) اسان کي به گھرجي ته بالخصوص نمازِ فجر ۾ صداءِ مدينه لڳايون ۽ ٻين نمازن ۾ به پنهنجي گھر وارن رشتيدارن ۽ گلي بازارن ۾ ويٺل مسلمانن تي اِنْفرادي ڪوشش ڪري نماز جي لاءِ مسجد ۾ گڏ وٺي اچون ٿي سگھي ٿو ته اسان جي اِنْفرادي ڪوشش سان ڪو پڪو نمازي بڻجي وڃي ۽ اسان جي لاءِ ثوابِ جاريه جو ذريعو بڻجي وڃي۔ اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا۔