Bandon kay Huquq

Book Name:Bandon kay Huquq

شرڪت ۽ مدني انعامات تي عمل ڪريو، ان شاءِ عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان پنهنجي آخرت بهتر ڪرڻ جو فڪر پيدا ٿيندو ۽ آئينده سنت جو پابند بڻجڻ، گناهن کان نفرت ڪرڻ ۽ ايمان جي حفاظت جي لاءِ فڪر جو ذهن بڻجندو.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! رضاءِ الٰهي، حصولِ ثواب ۽ ٻين سٺين سٺين نيتن سان وقتا فوقتًا ماءُ پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ، رشتيدارن، دوستن، عزيز ۽ ويجهن مائٽن، استاد شاگرد، سيٺ ملازم، نگران و ماتحت وغيره کان معافي تلافي  جو سلسلو ٿيندو رهڻ گهرجي.  ڪڏهن ڪڏهن نفس معافي گهرڻ جي طرف آساني سان مائل ناهي ٿيندو پر هي ذهن هوندو آهي ته مان ته معافي ۾ اڳرائي نه ڪندس هو مون کان معافي گهرندو ته مان معاف ڪري ڇڏيندس، مان پاڻ معافي نه گهرندس. قربان وڃو! شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي عظيم شخصيت تي جو ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته مدني چينل تي براه راست (live) لکين عاشقانِ رسول کان معافي گهري رهيا هوندا آهن ته منهنجي سبب کان ڪنهن جو وڏي ۾ وڏو ۽ ننڍي ۾ ننڍو به ڪو حق تلف ٿيو هجي ته رضاءِ الٰهي جي لاءِ معاف ڪري ڇڏيو.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو ته هڪ ٻئي کان معافي وٺڻ جو ڪهڙو پيارو انداز سيکاريو وڃي ٿو، ڪهڙي مدني سوچ ڏني وڃي ٿي، الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي ان پياري ادا کي اپنائڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد