Bandon kay Huquq

Book Name:Bandon kay Huquq

مڪروهه آهن، جو ان سان بيماري پيدا ٿئي ٿي۔ (ايضًا) ]8[ اربع جي ڏينهن نُنهن نه ڪٽڻ گھرجن، ڇوته ڪوڙهه جي بيماري ٿيڻ جو انديشو آهي البت جيڪڏهن اوڻيتاليهه ڏينهن کان نه ڪٽيا هئا، اڄ اربع چاليهون ڏينهن آهي جيڪڏهن اڄ نه ڪٽيا ته چاليهه ڏينهن کان وڌيڪ ٿي ويندا ته اُن تي واجب ٿيندو ته اڄ جي ئي ڏينهن ڪٽي ان ڪري جو چاليهه ڏينهن کان وڌيڪ ننهن رکڻ ناجائز ۽ مڪروهه تحريمي آهي۔ (تفصيلي معلومات جي لاءِ فتاويٰ رضويه جلد 22 صفحو 574، 685 ملاحظه فرمايو) ]9[ ڊگها ننهن شيطان جي نشست گاهه آهن يعني انهن تي شيطان ويهندو آهي۔  (اتحاف السادة للزبيدي ج 2 ص 653)

هزارين سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل ٻه ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار  شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنّتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو۔ سنّتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سفر آهي۔

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻانهن جي حق تلفي آخرت جي لاءِ تمام گھڻي نقصان ڏيندڙ آهي۔ حضرت سيدنا احمد بن حرب عَلَيْهِ رَحْمَةُ الرّبّ فرمائن ٿا: ڪيترا ماڻهو نيڪين جي گھڻي دولت حاصل ڪري دنيا مان موڪلائي ويندا آهن پر ٻانهن جي حق ڦٻائڻ جي سبب قيامت جي ڏينهن پنهنجون سموريون نيڪيون وڃائي ويهي رهندا ۽ ائين غريب ۽ مفلس ٿي ويندا۔

(تنبيه المغترين ص 53)

                        مجھ کو جذبہ دے سفر کرتا رہوں پرورد گار

سنّتوں کی تربیت کے قافلے میں بار بار

(وسائل بخشش ، ص 635)