Allah walon kay Rozay

Book Name:Allah walon kay Rozay

منقول آهي: اَلدُّنْيا مَزْرَعَۃُ الْاٰخِرَۃِ يعني دُنيا آخرت جي ٻني آهي۔ تنهنڪري جيڪو دُنيا ۾پوکينداسين اهو ئي آخرت ۾ لُڻنداسين، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلََّ جيڪڏهن آخرت جي گرمي ۽ هولناڪي کي پيشِ نظر رکنداسين ته دُنياوي گرمي ۾ روزا رکڻ ڪيتري قدر آسان ٿي ويندا۔

   نبي اڪرم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت سيدُنا ابُو ذَرغِفَاري رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه کي ارشاد فرمايو: اي ابو ذر!جڏهن توهان ڪنهن (دُنياوي) سفر جو ارادو ڪندا آهيو ته ان جي لاءِ تياري ضرور ڪندا آهيو ته سفرِ آخرت (جي تياري) جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ (يعني دُنياوي سفر جي مقابلي ۾ سفرِ آخرت جي تياري ڪيتري قدر وڌيڪ ضروري آهي) اي ابُوذَر! ڇا مان توهان کي انهن شين جي باري ۾ نه ٻڌايان جيڪي توهان کي ان ڏينهن فائدو پهچائينديون؟ عرض ڪيائون: منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان! ضرور ٻڌايو۔ ارشاد فرمايائون: قيامت جي ڏينهن جي لاءِ سخت گرمي واري ڏينهن روزو رکو، قبر جي وحشت جي لاءِ رات جي اونداهي ۾ ٻه (2) رڪعتون پڙھو، وڏن وڏن (پيش اچڻ وارن) معاملن جي لاءِ حج ڪيو ۽ ڪنهن مسڪين کي ڪا شيء ڏئي يا حق ڳالھ چئي يا ڪنهن بُري ڪلمي کان خاموشي ڪري صَدَقو ڪيو۔ ([1])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي پياري صحابي حضرت ابُو رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ 

 



[1]موسوعۃ لابن ابی الدنیا،التھجد وقیام اللیل،۱/۲۴۷،حدیث:۱۰