Book Name:Allah walon kay Rozay
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اجتماعي اعتڪاف جي برڪت سان مدني انعامات جي ٻئي مدني انعام پهرين صف ۾ نماز پڙهڻ جي ملندڙ جذبي ڪالو چاچا کي انتقال جي وقت بازار جي غفلت ڀري فضائن کان کڻي مسجد جي رحمت ڀري فضائن ۾ پهچائي ڇڏيو ۽ ڪيڏي خوش نصيبي جو آخري وقت کين ڪلمو ۽ درود شريف نصيب ٿي ويو۔ سُبحٰن الله عَزَّوَجَلَّ! ۽ جنهن کي مرڻ مهل ڪلموشريف نصيب ٿي وڃي ان جو قبر ۽ حشر ۾ ٻيڙو پار آهي۔ جيئن ته نبيءِ رحمت، شفيع امت، مالڪِ جنّت، محبوبِ ربّ العزّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ جنّت نشان آهي۔ جنهن جو آخري ڪلام: لَآاِلٰهَ اِلَّااللّٰهُ هجي، اهو جنّت ۾ داخل ٿيندو۔ ([1])وڌيڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جي برڪت ٻُڌو: جيئن ته انتقال کان ڪجهه ڏينهن پوءِ سندن پٽ خواب ۾ ڏٺو ته مرحوم ڪالو چاچا سفيد لباس ۾ ملبوس مٿي تي سبز سبز عمامي شريف جو تاج سجائي مُسڪرائيندي چئي رهيا آهن: پٽ! دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۾ لڳل رهو جو انهيءَ مدني ماحول جي برڪت سان مون تي ڪرم ٿيو آهي۔
مَوت فضلِ خُدا سے ہو ایمان پر | مدنی ماحول میں کرلو تم اِعْتِکاف |
رَبّ کی رَحمت سے پاؤ گے جنّت میں گھر | مدنی ماحول میں کر لو تم اِعْتِکاف |
(وسائلِ بخشش،ص ۶۴۰)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
فرض روزا ڪيتري ئي سخت گرمي ۾ اچن، بغير شرعي مجبوري