Book Name:Allah walon kay Rozay
دُنياوي بهتري جو فڪر آهي ۽ انهن نُفوسِ قُدسيه کي قبر و حشر ۽ آخرت جو فڪر دامن گير آهي، اسان جي لاءِ دُنياوي عيش و عشرت ۽ مال و دولت جي بغير زندگي بي رنگ آهي۽ اُن الله وارن جي لاءِ نمازون، روزا ۽ ٻي عبادتن جي بغير زندگي بي مزه آهي۔ جيئن ته
حضرت سيدُنا ابُودَرْدَاء رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه فرمائيندا هئا ته جيڪڏهن 3 شيون نه هجن ها ته مان مَوت کي ترجيح ڏيان هئا۔ عرض ڪيو ويو: اهي 3 شيون ڪهڙيون آهن؟ ارشاد فرمايائون: ڏينهن رات پنهنجي رَبّ عَزَّ وَجَلَّ جي بارگاھ ۾ سجدا ڪرڻ، سخت گرمي جي ڏينهن ۾ اُڃايل رهڻ (يعني روزا رکڻ) ۽ انهن ماڻهن جي صحبت ۾ ويهڻ جيڪي ڪلام کي عمده ميون جيان چونڊيندا آهن۔([1])
حضرت سَيدُنا علي المرتضيٰ،شير خدا کرَّمَ اللّٰه تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم ارشاد فرمائن ٿا: مون کي دُنيا ۾ 3 شيون پسند آهن: (1) اَلضَّرْبُ بِالسَّيفِ يعني تلوار سان جهاد ڪرڻ، (2) اَلصَّوْمُ بِالصَّيفِ يعني گرمي جا روزا رکڻ ۽ (3) اِکرَامُ الضَّيفِ يعني مهمان جي مهمان نوازي ڪرڻ۔([2])
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
اچو! روزن جا ڪجھ وڌيڪ فضائل ۽ انعامات ٻڌون ٿا، جيئن