Allah walon kay Rozay

Book Name:Allah walon kay Rozay

نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث:4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مَدَني قافلي، مَدَني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّ وَجَلَّ جو بيحد شُڪر آهي جو ان اسان کي زندگي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر رحمتن، برڪتن سان مالا مال، عظيم الشّان مهيني يعني رمضانُ المبارڪ جون عظيم گھڙيون عطا ڪيون آهن، اڄ رمضان جو پهريون هفتيوار اجتماع آهي، الله عَزَّ وَجَلَّ اسان کي هن مُبارڪ مهيني جو خوب خوب فيضان ماڻڻ جي توفيق عطا فرمائي، اي ڪاش! سمورا روزا ظاهري ۽ باطني آداب سان رکڻ ۾ اسان ڪامياب ٿي وڃون، خشوع و خضوع سان فرض نمازون، نفل ۽ تراويح نماز ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون، تلاوتِ قرآنِ ڪريم جو خوب جذبو نصيب ٿئي۔

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد