Allah walon kay Rozay

Book Name:Allah walon kay Rozay

جو توڙي پاڻي ۽ هوا طبيعت جي مُوافِق هجي يا نه هجي ايستائين جو ڪيڏي به شديد گرمي هجي پر ان جي باوُجُود اهي الله وارا بُک ۽ اُڃ کي خُوشي سان برداشت ڪندا هئا، هنن پاڪ هستين جي هڪ ئي ڌُن هوندي هئي ته بس ڪهڙي طرح رِضاءِ الٰهي ۽ قُربِ خداوندي نصيب ٿي وڃي، جيئن بيان ڪيل حڪايت مان صاف ظاهر آهي ته حضرت سَيدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي روزن سان ايتري قدر والهانه لڳاؤ هو جو سخت ترين گرمين ۾ به روزا رکندا هئا،  پر بدقسمتي سان اسان مان هڪ تعداد گرمي جو بهانو ڪري روزا رکڻ کان ڪيٻائن ٿا، بيشڪ الله وارن کي يقين هو ته محشر ۽ دوزخ جي گرمي دُنياوي گرمي کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهي، جيڪو خُوش نصيب رِضاءِ الٰهي جي خاطر هتي دُنياوي گرمي کي برداشت ڪري روزا رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو ته اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ آخرت ۾ سُڪون ماڻيندو۔ ان ڪري گرمي جي ڏينهن ۾ رَمَضان جا فرض روزا هجن يا رَمَضان جي علاوه نفل روزا، اسان کي اها ڳالھ ذهن نشين رکڻ گھرجي ته گرمي جي حَرارت ۽ بک ۽ اُڃ جي شِدّت جيتري قَدَر گھڻي مَحسوس ٿيندي صَبر ڪرڻ تي اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ ثواب به ايتري قَدَر گھڻو ملندو، جيئن منقول آهي،” اَفْضَلُ الْعِبَادَاتِ اَحْمَزُھَا “يعني افضل عبادت اها آهي جنهن ۾ زحمت (يعني تڪليف) گهڻي آهي۔“ ([1]) امام شرف الدين نَوَوِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا،”يعني عبادتن ۾ تڪليف ۽ خرچ زياده ٿيڻ سان ثواب ۽ فضيلت زياده ٿي ويندي آهي۔([2]) حضرت سيّدنا ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو فرمانِ معظم

 

 



[1]تفسیر کبیر،پ۲۹،المزمل،تحت الآیۃ:۶،۱۰/۶۸۵

[2]شرحنووی،مذاہب العلماء فی تحلیل ...الخ،الجزء۸،۴/۱۵۲