Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen
تمام مصروفيتن ۽ مشڪلاتن جي باوجود به اسان وقت ڪڍڻ ۾ڪامياب ٿي وينداسين۔جنابِ سيد ايوب علي صاحِب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اعلي حضرت جي شوقِ حفظ قرآن جو واقعو بيان ڪندي فرمائن ٿا : هڪ ڏينهن اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشادفرمايو ته بعض ناواقِف حَضرات منهنجي نالي جي اڳيان حافِظ لکي ڇڏيندا آهن، جڏهن ته مان ان لقب جو اَهل نه آهيان۔ سيدايوب علي صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه انهيءَ ڏينهن کان دَؤر شُروع ڪري ڇڏيو۔ جنهن جو وقت غالباً عشاء جو وضو ڪرڻ کان پوءِ جماعت قائم ٿيڻ تائين خاص هو، روزانو هڪ سيپارو ياد ڪندا هئا، ايستائين جو ٽيهين ڏينهن ٽيهون سيپارو ياد ڪري ورتو، هڪ موقعي تي فرمايائون ته مون ڪلامِ پاڪ بِالتَّرتيب ڪوشِش سان ياد ڪيو آهي ۽ اهو ان ڪري جو انهن بندگانِ خُدا جو (جيڪي منهنجي نالي جي اڳيان حافِظ لکندا آهن) چوڻ غَلَط ثَابِت نه ٿئي۔
(حياتِ اعليٰ حضرت ج ۱ ص ۲۰۸،بتغيرقليل)
علم و عِرفاں کا جو کہ ساگَر تھا خیر سے حافِظہ قَوی تر تھا
حق پہ مَبنی تھا جس کا ہر فتوٰی واہ کیا بات اعلٰی حضرت کی
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان جتي اهو معلوم ٿيو ته امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي تقويٰ ۽ خوفِ خدا جي سبب اها ڳالھ هرگز پسند نه هئي ته مون کي ماڻهو ان وصف سان سڏين جيڪا منهنجي ذات ۾ موجود ناهي اتي اهو به معلوم ٿيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عِلْمِ دِين جي سرچشمي يعني قرآنِ پاڪ سان بيحد مَحَبَّت ڪندا هئا جڏهن ته صرف هڪ مهيني جي ٿوري وقت ۾ سڄو قرآنِ پاڪ حفظ ڪري ورتو۔ جڏهن ته اسان جي حالت هي آهي جو قرآنِ پاڪ جي تلاوت نٿا ڪيون ۽ ڪن کي ته اها سعادت صرف رمضانُ المبارڪ