Book Name:Imam e Ahle Sunnat ka Shauq e Ilm e deen
سُورتي جي لائبريري ۾ موجود هو، ڪتاب جو نالو ٻڌندي ئي اعليٰ حضرت فرمايائون: ’’مون (اهو ڪتاب) ناهي ڏٺو، (بريلي واپس) وقت، اهو ڪتاب مون کي ڏجو۔“ حضرت مُحدِّثِ سورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان کي بخوشي قَبول ڪيائون ۽ ڪتاب کڻي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي پيش ڪيو پر گڏ اهو به فرمايائون: جڏهن مُلاحَظه فرمائي وٺو ته واپس موڪلجو، ان ڪري جو اوهان وٽ ته گھڻا ڪتاب آهن مون وٽ اهي ڪجھ ڪتاب آهن جن ذريعي مان فتاويٰ ڏيندو آهيان ۔“ اعليٰ حضرت ان کي قبول فرمائي ورتو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي انهيءَ ڏينهن بريلي روانگي هئي پر هڪ جانثار مُريد جي دعوت جي وجه سان هڪ ڏينهن وڌيڪ ترسڻو پيو۔ رات ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان ڪتاب جو مطالعو فرمايائون، جڏهن ٻئي ڏينهن بريلي واپس وڃڻ جو وقت آيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مُحدِّث سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي اهو ڪتاب واپس ڪري ڇڏيو ۽ ارشاد فرمايائون: ”قصْد (ارادو ته) بريلي کڻي وڃڻ جو هو ۽ جيڪڏهن ڪلھ ئي وڃان ها ته هن ڪتاب کي گڏ کڻي وڃان ها، پر جڏهن ڪلھ وڃڻ نه ٿيو ته رات جو ۽ صبح جي وقت سڄي ڪتاب کي ڏسي ورتو آهي، هاڻي کڻي وڃڻ جي حاجت نه رهي۔“حضرت محدثِ سورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نهايت حيرت سان فرمايائون:” بس هڪ ڀيرو ڏسڻ ڪافي ٿي ويو؟ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايو:’’ الله تعالي جي فضل ۽ ڪرم سان اُميد آهي ته ٻن ٽن مهينن تائين ته جتي عبارت جي ضرورت هوندي، فتاويٰ مان لکي وٺندس ۽ مضمون ته اِنْ شَآءَ الله عَزَّوَجَلَّ سڄي عمر جي لاءِ محفوظ ٿي ويو۔“ (حيات اعلي حضرت،۱/۲۱۳ماخوذاً )
اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا:
علم و عِرفاں کا جو کہ ساگَر تھا خیر سے حافِظہ قَوی تر تھا
حق پہ مَبنی تھا جس کا ہر فتوٰی واہ کیا بات اعلٰی حضرت کی