Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat
ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذاتِ مُبارڪ تي دُرُودِپاڪ لازمي پڙھندا ڪيون، ان جي
بَرَڪت سان اسان جون دُعائون بارگاھ اِلٰهي ۾ مَقبُول ٿينديون۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ
نظر کا نُور دلوں کیلئے قَرار دُرُود |
| عَقِیدتوں کا چَمن، رُوح کا نِکھار دُرُود |
چراغِ یاسِ مُسلسل کے گُھپ اَندھیروں میں |
| غَموں کی دُھوپ میں ہے ابرِ سایہ دار دُرُود |
دُرُود رُوح کی بالِیدگی کا ساماں ہے |
| جَبِینِ شوق کو دیتا ہے اک نِکھار دُرُود |
دُرُود نغمہئ نعتِ نبی کا زِینہ ہے |
| سدا بہار دُعاؤں کا ہے وقار دُرُود |
گُلاب ذِہن کے پردوں پہ کِھلنے لگتے ہیں |
| زَباں پہ جب بھی مِری آتا ہے مُشکبار دُرُود |
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! دُعا دُنيا ۽ آخرت جون کوڙ ساريون ڀلائيون حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي، دُعا الله عَزَّوَجَلَّ کان مُناجات (يعني الله
عَزَّوَجَلَّ جي ساراھ ۽ پنهنجي عاجزي جو اِظهار) ڪرڻ، ان جو قُرب حاصل ڪرڻ، ان جي عظيم بارگاھ مان مُرادون ماڻڻ، ان جي فضل ۽ انعام جو حقدار ٿيڻ، بخشش ۽ مغفرت جو پروانو حاصل ڪرڻ ۽ دُنيوي ۽ اُخروي مصيبتن ۽ مُشڪلاتن جي حل جو نهايت آسان ۽ مُجَرَّب ذريعو آهي، دُعا گھرڻ الله ربُّ العزت عَزّوَجَلَّ جي پيارن ٻانهن جي عادت به آهي ۽ هڪ بهترين عبادت به، دُعا گھرڻ پياري مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنّت به آهي ۽ دُعا گنهگار ٻانهن جي حق ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان هڪ نهايت وڏي نعمت ۽ سعادت به آهي، دُعا جي اهميت ۽ قدر و منزلت جو اندازو هن ڳالھ مان به لڳائي سگھجي ٿو ته قرآنِ پاڪ ۾ خود الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجن ٻانهن کي نه صرف پنهنجي بارگاھ ۾ دُعا گھرڻ جو حڪم فرمائي رهيو آهي بلڪه قبوليت جي خُوشخبري سان به نوازي رهيو آهي،
جيئن سيپاري 24 سوره مومن آيت نمبر 60 ۾ ارشاد آهي: