Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                              صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وِلادت جو ڏينهن سڀني ڏينهن کان اَفضل ترين ڏينهن آهي۔ تنهنڪري اسان کي به کپي ته شريعت جي دائري ۾ رهندي خُصوصي اهتمام سان خُوشي خُوشي ان ڏينهن کي ملهايون، اجتماعِ ميلاد مُنعقد ڪيون، هٿن ۾ مدني پرچم کڻي، جلوسِ ميلاد ۾ وڃون، ان ڏينهن خُوب صدقو ۽ خيرات جي عادت بڻايون،
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جون خوب خوب برڪتون ملنديون۔ جيئن ته

حضرت سَيّدنا امام عبد ُالرّحمن ابنِ جوزي رَحْمَةُ الله تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: جشنِ ولادت تي فرحت ۽ خوشي ڪرڻ واري جي لاءِ اها خوشي، جهنَّم کان رُڪاوٽ بڻجندي۔ اي اُمَّتِ محبوب! توهان جي لاءِ خوشخبري آهي توهان دنيا ۽ آخرت ۾ خيرِ ڪثير جا حقدار ٿيندا۔ حضرت سيدنا احمدِ مجتبيٰ، محمدِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو جشنِ ولادت ملهائڻ واري کي برڪت، عزت، ڀلائي ۽ فخر ملندو، موتين وارو عمامو ۽ سبز حُلَّو پائي اهو جنت ۾ داخل ٿيندو، بي شُمار مَحلَ ان کي عطا ڪيا ويندا ۽ هر محل ۾ حُور هوندي۔ نبي خيرُ الاَنام صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي خوب دُرُود پڙھو، جشنِ ولادت ملهائي ان کي خُوب عام ڪيو وڃي۔ (مجموع لطيف النبي في صيغ المولد النبوي القدسي،مولد العروس،ص۲۸۱،ملتقطاً)

حافظُ الحديث امام ابُو الخير محمد بن عبدالرَّحمٰن سَخاوي رَحْمَةُ الله تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: جشنِ ولادت ملهائڻ واري کي ان عمل جي برڪتن سان عظيم فضل ظاهر ٿئي ٿو۔ (سبل الھدي و الرشاد ،الباب الثالث عشر في اقوال العلماء۔۔۔الخ، ۱/۳۶۲) حضرت سيدُنا امام احمد بن محمد قسطلاني رَحْمَةُ الله تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: ”وِلادَتِ باسعادت جي ڏينهن ۾ مَحفلِ ميلاد ڪرڻ جي خاصيتن (فوائد) مان اهو اَمر مُجرَّب (يعني