Book Name:Auliya Allah Ki Shan
مٺا
مٺا اسلامي ڀائرو! اسان ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان
پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪيون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ
وَاٰلِهٖ وَسَلَّم:
نِيَّةُ المُؤمِنِ خَيرٌ مِّن عَمَلِهٖ. يعني مسلمان جي نيت ان جي عمل کان
بهتر آهي.
(المعجم الڪبير للطبراني، باب السین،سهل بن سعد الساعدی الحديث: 5942، ج 6، ص 185)
ٻه مدني گُل: 1 بنا سٺي نيت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.
2 جيتريون سٺيون نيتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.
بيان ٻڌڻ جون نيّتون
* نگاهون جھڪائي انتهائي توجھ سان بيان ٻُڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت طور سوڙهو ٿي سِرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪُشادي ڪندس *ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھورڻ، جھڻڪڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻُڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي (يعني دلداري) جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مُصافحو ۽ اِنفرادي ڪوشش ڪندس۔
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
شان ِاولياء
مُفسّرِ قرآن، حضرت سيدنا اِسماعيل حقّي پنهنجي مشهور تفسير "رُوح البيان" ۾ هڪ ايمان افروز واقعو لکن ٿا، ان کي وڏي توجھ سان ٻڌو ۽ ايمان تازه ڪيو، جيئن لکن ٿا ته:
حضرت سيدُنا امام ابُو الحسن شاذلي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه ارشاد فرمائن ٿا ته مان هڪ ڀيري مسجدِ اقصيٰ ۾ سمهي رهيس، ڇا ٿو ڏسان ته مسجدِ اقصيٰ جي ٻاهران هڪ تخت رکيو ويو ۽ وڏي تعداد ۾ مخلوق گڏ ٿيڻ شروع ٿي، مون پڇا