Fazilat ka Miyar Taqwa hay

Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

                                                                        اَلۡحَمۡدُ لِلّٰہِ رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ وَالصَّلٰوة وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الۡمُرۡسَلِیۡنط

       اَمَّا بَعۡدُ! فَاَعُوۡذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیۡطٰنِ الرَّجِیۡم ط بِسۡمِ اللّٰہِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمط

فضيلت جو معيار تقوٰي آهي

اَلصَّلٰوة وَ السَّلَامُ عَلَیۡكَ یَا رَسُولَ اللہ

 

وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصۡحٰبِكَ یَا حَبِیۡبَ اللہ

اَلصَّلٰوة وَ السَّلَامُ عَلَیۡكَ یَا نَبِیَّ اللہ

 

وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصۡحٰبِكَ یَا نُوۡرَ اللہ

نَـوَيتُ سُنَّتَ الاِعتِکاف
 (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب پڻ ملندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔

دُرُودِپاڪ جي فضيلت

حديث جي مشهور ڪتاب ترمذي شريف ۾ آهي: سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب وسينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: اَوْلَي النَّاسِ بِي يوْمَ الْقِيامَةِ اَکثَرُھُمْ عَلَيّ صَلَاةً يعني قِيامَت جي ڏينهن ماڻهن مان سڀ کان وڌيڪ  منهنجي ويجھواهو شخص هوندو، جيڪو سڀ کان وڌيڪ مون تي دُرُود شريف پڙھندو هوندو۔ (ترمذي،ڪتاب الوتر،باب ماجاء في فضل الصلاة...الخ،۲/ ۲۷، حديث:۴۸۴) مُفَسِّرِ شَهير، حڪيمُ الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه هن حديثِ پاڪ جي تَحت اِرشَاد فرمائن ٿا: قِيامَت ۾ سڀ کان وڌيڪ آرام ۾ اهو هوندو، جيڪو حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ رهي ۽ حُضُورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي همراهي نصيب ٿيڻ جو ذريعو دُرُود شريف جي