Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay
عزت ڏيو ٿا جڏهن ته وڏي عُمر جا اسان آهيون؟“ بُزرگ رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه ڪجھ پکي گھرايا ۽ اهي سڀ مُريدن کي هڪ هڪ پکي ۽ ڇُري ڏني ۽ فرمايائين:” توهان مان هر هڪ پکي کي اهڙي جڳھ ذَبح ڪري جتي ڪو ڏسي نه سگھي۔“نوجوان مُريد کي به هڪ پکي ڏنو ۽ ان سان به اها ئي ڳالھ ارشاد فرمائي۔ هر هڪ شخص پکي ذَبح ڪري آيو پر نوجوان زنده پکي هٿ ۾ کڻي واپس موٽيو۔ بزرگ(رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه) فرمايائون:”ٻين وانگر توهان پکي ذَبح ڇو نه ڪيو؟“ نوجوان عرض ڪيائين:” مون کي ڪا اهڙي جڳھ ملي ئي نه جتي ڪو ڏسندو نه هجي ڇاڪاڻ ته ربّ تعاليٰ ته مون کي هر هنڌ ڏسي رهيو آهي۔“ هي ڏسي سڀني مريدن ان جي مراقبي (يعني سڀ شين کي ڇڏي خُدا ڏانهن ڌيان ڪرڻ جي عمل) کي پسند ڪيو ۽ چيو: ”توهان واقعي عزّت ۽ اِحترام لائق آهيو۔“ (احياء العلوم ،۵/۳۲۴)
اعليٰ حضرت، امام احمد رضا خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه پنهنجي والدِ ماجد (حضرت مولانا نقي علي خان رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه) سان گڏ حضرت شاھ آلِ رسول احمد قادري
رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ سلسله عاليه قادِريه ۾ بَيعَت ڪئي۔ مُرشِدِ ڪامل (مريد بنائڻ سان گڏوگڏ اعلي حضرت رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه کي) تمام سلسلن جي اجازت ۽ خلافت ۽ سندِ حديث به عطا فرمائي ڇڏي۔ (حيات اعلي حضرت ،۱/۴۹ملخصاً) جڏهن ته حضرت شاھ آلِ رسول رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه خلافت ۽ اجازت جي مُعاملي ۾ نهايت مُحتاط هئا۔ (مُريد ٿيندي ئي پيرومرشد جي طرفان ايتري قدر عطائون ڏسي) خانقاھ جو هڪ شخص چپ نه رهي سگھيو۔ عرض ڪيو: حضور! اوهان جي خاندان ۾ ته خِلافت وڏي رِياضت ۽ مُجاهدي کان بعد ڏني ويندي آهي۔ انهن کي اوهان فوراً ئي خِلافت عطا ڪري ڇڏي۔ حضرت شاھ آلِ رسول رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه (افضليت ۽ اهميت جو سبب ٻڌائيندي) ان شخص کي ارشاد فرمايو: ماڻهو گندي دل ۽ گندو نَفس کڻي ايندا آهن۔ انهن جي صفائي تي گھڻو وقت لڳندو آهي۔