Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل روايتن مان معلوم ٿيو ته حرام مال ۾ هلاڪت ئي هلاڪت آهي تنهنڪري هڪ مسلمان جي لاءِ ضروري آهي ته هو دنيا ۽ آخرت جي بربادي ۽ رزق جي تنگي کان بچڻ جي لاءِ وياج ۽ حرام مال کان پاسو اختيار ڪري ۽ اها ڳالھ چڱي طرح ذهن نشين ڪري ته دنيا ۾ رهڻ وارا تمام جاندار، چاهي ترقي يافته شهري هجن يا ڪنهن ڳوٺ جا رهواسي، گھاٽي جهنگ ۾ رهڻ وارا حيوان هجن يا بلند ۽ بالا وڻن جي چوٽي تي آکيڙن ۾ آباد پکي، سمنڊ جي گهرائين ۾ رهڻ واريون مڇيون هجن يا پٿرن جي پيٽ ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جي تسبيح ۽ تقديس ڪرڻ وارا جيت، هر هڪ جو رزق خداء خالق ۽ رازِق عَزَّوَجَلَّ پنهنجي ذمّي کنيو آهي۔ جيئن ارشادِ خداوندي آهي:
وَ مَا مِنْ دَآبَّۃٍ فِی الْاَرْضِ اِلَّا عَلَی اللّٰہِ رِزْقُہَا (پ۱۲،ھود:۶) | ترجموڪنز الايمان: ۽ زمِين تي چُرندڙ ڪا به شئ اِهڙِي نه آهي جِنهن جو رزق الله جي ڪرم جي ذِمي نه هُجي |
جڏهن پاڻ الله ربُّ العالمين جَلَّ جَلَالُه هرجاندار جي رزق جو ضامن آهي ته اسان کي گھرجي ته انهيء جي ذات تي توڪل ڪيون ۽ وياج وٺي پنهنجي ئي مسلمان ڀائرن کي نقصان پهچائڻ جي بدران جائز ۽ حلال طريقي سان رزق طلب ڪيون۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ جيڪو نصيب ۾ آهي اهو ضرور ملندو۔ ٻنهي جھان جي مالِڪ و مختار، مڪي مَدَني سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: بيشڪ رزق ٻانهي کي تلاش ڪندو آهي جيئن ان جو موت ان کي تلاش ڪندو آهي۔ (صحیح ابن حبان،کتاب الزکاة، باب ماجاء فی الحرص…الخ، ۴/۹۸، حدیث:۳۲۲۷) تنهنڪري هن حديثِ پاڪ کي پيشِ نظر رکندي الله عَزَّوَجَلَّ تي ڪامل ڀروسوو رکڻ گھرجي ۽ هن ڳالھ کي پنهنجي ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته رزق جي وُسعت ۽ گھڻائي الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا ۾ ئي پوشيده آهي، جڏهن اسان جي معاشري جو هر فرد ظاهري سببن سان گڏوگڏ رحمتِ الٰهي ۽ فضلِ خداوندي جو طالب ٿيندو، پنهنجي دل ۾