Fazilat ka Miyar Taqwa hay

Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay

﴿5 قُربِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰي مُحَمَّدٍکَمَا تُحِبُّ وَتَرضٰي لَہٗ

هڪ ڏينهن هڪ شَخص آيو ته حُضُورِ اَنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي پنهنجي ۽ صِدّيقِ اڪبر رَضِياللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُ جي وچ ۾ ويهاريو، انهي سبب صَحابَه ڪرام رَضِياللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُم کي تَعَجُّب ٿيو ته اهو مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اهو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي ته ائين پڙهندو آهي.([1])

﴿6دُرُودِ شَفاعت

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ وَّاَنۡزِلۡہُ الۡمَقۡعَدَ الۡمُقَرَّبَ عِنۡدَکَ یَوۡمَ الۡقِیَامَة

شافِعِ اُمَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ مُعَظَّم آهي جيڪو شخص هن درود شريف کي پڙهي ته ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي آهي۔ ([2])

﴿1 هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون

جَزَي اللّٰہُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَّا ھُوَ اَھلُہٗ

حضرتِ سيدُنا ابنِ عباس رَضِياللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُمَا کان رِوايت آهي ته سرڪارِمدينه
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو؛ انهي درود شريف کي پڙهڻ واري جي لاءَ ستر ملائڪ هڪ هزار ڏينهن تي نيڪيون لکندا آهن ([3])

﴿1 ڄڻ شب قدر حاصل ڪري ورتي۔


 

 



[1]القول البدیع،الباب الاول،ص125

[2] الترغیب والترہیب،کتاب الذکر و الدعاء،۲/۳۲۹،حدیث:۳۰

[3] مجمع الزوائد،ڪتاب الادعیۃ،باب فی ڪیفیۃ الصلاۃ…الخ،10/254،حدیث:17305