Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

سيلاب اچي چڪو آهي! گناهن ڀريا چينلز، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ وغيره ۾ عِشۡقِيه فلمون ۽ فِسۡقِيه ڊرامن کي ڏسي يا عشق بازين تي خبرون، ۽ ناولن، بازاري ماهنامن، ڊائجسٽن ۾ فرضي افسانن کي پڙهي يا ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي مَخلوط (جتي ڇوڪرو ڇوڪري گڏ هجن اهڙن) ڪلاسن ۾ ويهي، يا نامَحرم رشتيدارن سان ملي پاڻ ۾ بي تڪلفي واري راهه تي هلڻ سان اڪثر نوجوانن کي ڪنهن نه ڪنهن سان عِشق ٿي ويندو آهي، پهرين هڪ طرفو ٿيندو آهي پوءِ جڏهن فريق اول، فريق ثاني کي ٻڌائيندو آهي ته بعض اوقات ٻه طرفا ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ عموماً گناهن ۽ نافرمانين جو طوفان اچي ويندو آهي، فون تي دل کولي بي شرمانه ڳالهيون بلڪ بي حجاب ملاقاتن جا سلسلا ٿيندا آهن، خطن ۽ تحفن جا تبادلا ٿيندا آهن، شادي جا خُفيه قول ۽ قرار ٿي ويندا آهن، جيڪڏهن گھر وارا ديوار بڻجن ته ڪڏهن ٻئي فرار ٿي ويندا آهن، ان کان پوءِ اخبار ۾ اِشتِهار ڇپبا آهن، خاندان جي عزت، آبرو سرِ عام نيلام ٿيندي آهي، ڪڏهن ”ڪورٽ ميرج“ جي ترڪيب ٺهندي آهي ته ڪڏهن مَعَاذالله ائين ئي بنا نڪاح جي۔۔۔۔۔ ۽ اهڙن بي رحم انسانن جي ناجائز ٻارن جا لاش ڪچري ڪنڊي (يعني گندگي جي ڍير) ۾ ملندا آهن، ۽ ائين به ٿيندو آهي جو ڀڄي نه سگھن ته خودڪشي جي راهه ورتي ويندي آهي جنهن جون خبرون اخبار ۾ تقريباً روزانو شايع ٿينديون رهنديون آهن.

دیکھے ہیں یہ دن اپنی ہی غفلت کی بدولت

سچ ہے کہ برے کام کا انجام برا ہے

فریاد ہے اے کشتیِ اُمت کے نگہبان

بیڑا یہ تباہی کے قریب آنے لگا ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد