Waham Aur Bad Shuguni

Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته صَفرُ المُظَفَّر بابت عوام ۾ ڦهليل غلط فهمين جو حقيقت سان پري پري تائين ڪو واسطو ناهي، بلڪه اهي

صرف وهمي خيال ۽ علمِ دِين کان دُوري جو نتيجو آهي۔ تنهنڪري مسلمان هئڻ جي ڪري اسان کي گھرجي ته اسان اهڙي طرح جي وهمي خيالن کان پنهنجو پاڻ کي پري رکون ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي 12 مَدَني ڪمن ۾ خُوب حصّو وٺون ڇوته هن مدني ماحول ۾وهم ۽ بدشگوني کان بچڻ ۽ ان جي علاج جو ڀرپور ذهن ڏنو ويندو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 12 مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مدني درس“ به آهي جيڪو عِلمِ دِين سکڻ سيکارڻ جو نهايت مؤثر ذريعو آهي۔ مدني دَرس مان مُراد هي آهي ته شَيخِ طَرِيقَت، اَمِيرِ اَھْلِسُنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي ڪجھ ڪتابن ۽ رسالن جي عِلاوه سندن باقي سڀني ڪتابن ۽ رسالن خاص ڪري فيضانِ سنّت مان مَسْجِد/چوڪ/بازار/دُڪان/دفتر ۽ گھروغيره ۾ دَرس ڏيڻ کي تنظيمي اِصطِلَاح ۾ مَدني دَرس چون ٿا۔

 ٭مدني درس نهايت ئي پيارو مدني ڪم آهي جو ان جي برڪت سان مسجد جي حاضري جي بار بار سعادت حاصل ٿيندي آهي۔٭مدني درس جي برڪت سان ڪثير مطالعي جو به موقعو ملندو آهي۔٭ مدني درس جي برڪت سان مسلمانن سان ملاقات ۽ "سلام" جي سُنّت عام ٿيندي آهي۔٭ مدني درس جي برڪت سان اميرِ اهلسنّت جي مختلف موضوعن تي مشتمل ڪتاب ۽ رسالن مان علمِ دِين سان مالامال قِيمتي مدني گل اُمّتِ مسلمه تائين پهچائي سگھجن ٿا۔ ٭ مدني درس، بي نمازين کي نمازي بڻائڻ ۾ گھڻو معاون ۽ مددگار آهي۔ ٭ مدني درس جي برڪت سان مسجد جي حاضري سان محروم رهڻ وارن تائين به نيڪي جي دعوت پهچائڻ جو هڪ مُفيد ترين ذريعو آهي۔   ٭مسجد جي علاوه چوڪ، بازار، دُڪان وغيره ۾ جيڪڏهن "مدني درس"