Waham Aur Bad Shuguni

Book Name:Waham Aur Bad Shuguni

جي مبارڪ مهيني ۾ اسلامي ڀائرن جي ترغيب ڏيارڻ تي انهن کي اميرِ اهلسنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو ’’مدني مذاڪرو‘‘ مدني چينل تي ڏسڻ جو موقعو مليو۔

امير اهلسنت جا علم ۽حڪمت ڀريا مدني گل ٻڌي ان جو ايمان تازو ٿي ويو، قبر ۽ حشر جي تياري جو فڪر ذهن ۾ گهمڻ ڪرڻ لڳو، تنهنڪري انهن زندگي جي باقي پساهن کي غنيمت سمجھندي دعوتِ اسلامي جي سُنّتن ڀريي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته ٿي ويو ۽ اميرِاهلسنّت جي عطا ڪيل مدني مقصد مون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي جي تحت نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ ۾ مشغول ٿي ويو۔

یقیناً مُقدَّر کا وہ ہے سکندر                             جسے خیر سے مل گیا مَدَنی ماحول

یہاں سنّتیں سیکھنے کو ملیں گی                         دلائے گا خَوفِ خُدا مَدَنی ماحول

اے بیمارِ عصیاں تُو آ جا یہاں پر                        گُناہوں کی دیگا دوا مَدَنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ                                 گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! وهم هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا انسان جو سُک چين سڀ ڪجھ کسي وٺندي آهي ۽ ان جي عقل جي صلاحيتن (Abilities) کي ضائع ڪندي آهي، جيڪي ماڻهو وهم جي آفت ۾ ڦاسي پوندا آهن ته ائين محسوس ٿيندو آهي جو جيئن انهن جي لاءِ شخصيات، هنڌ، وقت، نشانيون، تاريخون، ڏينهن، رات، مهينا يا سال وغيره ڪجھ به باعثِ سعادت نه آهن بلڪ اهي پنهنجي علاوه هر شيءَ کي پاڻ لاءِ هرو ڀرو منحوس خيال ڪري بدشگوني وٺندا آهن ۽ پاڻ تي مختلف بُرائين جا دروازا کوليندا آهن، مثال طور