Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ذاتِ پاڪ ئي مَقصَدِ تخليقِ ڪائنات آهي جيئن ته

منهنجا آقاسيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه انهيءَ طرف اِشارو ڪندي پنهنجي مجموعه ڪلام"حدائقِ بخشش" ۾ ڪجھ هيئن ارشاد فرمائن  ٿا:

زمین و زماں تمہارے لئے مَکِین و مکاں تمہارے لئے  چُنین و چُناں تمہارے لئے بنے دو جہاں تمہارے لئے

دَہن میں زباں تمہارے لئے بدن میں ہے جاں تمہارے لئے           ہم آئے یہاں تمہارے لئے اُٹھیں بھی وہاں تمہارے لئے

(حدائق بخشش، ص348)

مختصروضاحت:منهنجا آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  !ڪائنات ۽ ان ۾ رهڻ وارين سڀني شين کي اوهان جي ئي ڪري پيدا ڪيو ويو،اسان جون زبانون اسان جون زندگيون اسان جو هن دنيان ۾ اچڻ سڀ اوهان جي ئي ڪرم جو صدقو آهي ۽ محشر جي ڏينهن به (اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ) اوهان جوئي شان ڏسڻ لاءِ اٿنداسي

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                  صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

حضرت سَيدُنا عَبْدُالله بِن عَبَّاس رَضِى اللّٰه تَعَالٰى عَنْهما کان رِوايت آهي ته الله عَزَّ وَجَلَّ حضرت سَيدُنا عِيسيٰ رُوحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کي وَحي موڪلي: اي عِيسيٰ! محمد (صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) تي اِيمان آڻ! ۽ تنهنجي اُمَّت مان جيڪي ماڻهو ان جو زَمانو ماڻن، انهن کي به حڪم ڪجان ته ان تي ايمان آڻن ڇوته جيڪڏهن محمدِ عَرَبي(صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي ذاتِ گِرامي نه هجي ها ته نه مان آدم کي پيدا ڪيان ها، نه ئي جَنَّت ۽ دوزخ بڻايان ها۔ جڏهن مون عَرش کي پاڻيءَ تي بڻايو ته ان وَقت هو حَرَڪت ڪري رهيو هو، مون ان تي لآاِلٰه اِلَّا اللّٰه مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ الله لکي ڇڏيو، ته اهو بيهي رهيو۔ (خصائص ڪبري،باب خصوصيته بڪتابۃالخ ، ۱/ ۱۴)

وہ جو نہ تھے تو کچھ نہ تھا وہ جو نہ ہوں تو کچھ نہ ہو                          جان ہیں وہ جَہان کی جان ہے تو جہان ہے

مختصروضاحت: يعني حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي پاڪ نور جي پيدائش