Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

آهي ته پاڻ نهايت عظيمُ الشَّان طريقي سان شَرِيعَت جي دائري ۾ رهي جَشنِ وِلادَت جون خوشيون ملهائيندا آهن، جيئن ئي ماه مِيلاد جو مُبارَڪ چنڊ نظر ايندو آهي پاڻ جشنِ وِلادت سَرڪار جي خوشي ۾ پنهنجي رهائش گاھ کيمدني پرچمن، جَھنڊين ۽ رنگ برنگي بَرقِي قُمقُمن سان سجائيندا (يعنيLighting ڪندا آهن)، دُرُود ۽ سَلام جي ڪثرت ڪندا ۽ عاشِقانِ رَسُول کي به وِلادَتِ مَحبوب جون ڌُومون مچائڻ جي ترغيب ڏياريندا آهن جڏهن ته رَبِيعُ الاوّل شريف جي چنڊ رات کان لڳاتار 12 راتيون مَدَني مُذاڪرا ڪندا آهن۔ اوهان جي صُحبتِ بابرڪت مان فائدو وٺندي ڪثير اسلامي ڀائر عقائد ۽ اَعمال، فضائِل ۽ مَنَاقِب، شريعت ۽ طريقت، تاريخ ۽ سيرت، سائنس ۽ طِبّ، اَخلاقيات ۽ اِسلامي معلومات، معاشي، سماجي، تنظيمي معاملن ۽ ٻين ڪافي موضوعن جي باري ۾ مختلف قسم جا سوال ڪندا آهن ۽ شيخِ طريقت، اَمِيرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه انهن کي پنهنجي علم جي روشني ۾ حڪمت ڀريا ۽ عشقِ رسول سان ڀريل جوابن سان نوازيندا آهن ۽ عادت مطابق وَقتاً فَوَقتاً صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! جي دِل نشين صَدا لڳائي حاضِرين کي دُرُودشريف پڙھڻ جي سَعادت به عِنايت فرمائيندا آهن۔ پوءِ جڏهن ٻارهين رات ايندي آهي ته سندن جون خوشيون اڃان به وڌيڪ ٿي وينديون آهن، جيئن ته ٻارهين رات پاڻ خُصوصِيت سان غُسل ڪندا، پنهنجي اِستعمال جي ڪم و بيش هر شيء مثال طور مَدَني لِباس، سَبز سَبز عِمامو، ٽوپي، ڪنگھي، عِطر، مِسواڪ، قفلِ مدينه پيڊ، پين (Pen)، چادر، رُومال، سَربند، چپّل وغيره عُموماً نئي اِستعمال ڪندا آهن۔ ٻارهين جي رات مَدَني مُذاڪرو فرمائيندا ۽ اِجتِماع ذِڪر و نَعت ۾ شرڪت ڪندا آهن، پوءِ اِجتِماع جي اِختِتام تي ڪثير عاشِقانِ رَسُول سان گڏجي دُرُود و سَلام جو وِرد ڪندا ۽ عشق ۽ مستي ۾اچي ڪري، جھومندي محبت ڀري