Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

اڪرم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ئي صَدَقي ۾ مِليون آهن۔ تنهنڪري اسان کي کپي ته اسان عاشقن جي هن عِيد تي هڪ عظيمُ الشَّان نعمت ملڻ جي خوشي ۾ جَشنِ وِلادَت جون ايتري قَدَر ڌُومون مچايون جو شَيطانِ لَعين ڀڄي وڃي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  نعمت ملڻ تي خوشي جو اِظهار ڪرڻ ۽ ان ڏينهن عِيد ملهائڻ ته اهڙو مُبارَڪ (Blessed) عمل آهي جو جنهن جو ثُبوت اسان کي قرآنِ ڪريم مان به ملي ٿو جيئن ته

سيپارو 7 سُورَة المَائِده جي آيت نمبر114 ۾ اِرشاد آهي:

قَالَ عِیْسَى ابْنُ مَرْیَمَ اللّٰهُمَّ رَبَّنَاۤ اَنْزِلْ عَلَیْنَا مَآىٕدَةً مِّنَ السَّمَآءِ تَكُوْنُ لَنَا عِیْدًا لِّاَوَّلِنَا وَ اٰخِرِنَا وَ اٰیَةً مِّنْكَۚ- ۷،المائدۃ:۱۱۴)

ترجموڪنزالايمان: عِيسى پُٽ مريم جي عرض ڪيو اي الله اي اسان جا رب اسان تي آسمان مان خُونچو نازل فرماءِ جِيئن اُهو اسان جي واسطي عِيد ٿئِي، اسان جي اڳين پوين جِي عِيد ۽ تُنهنجي طرف کان نِشانِي.

بيان ڪيل آيت سڳوري تَحت تفسير صِراطُ الجِنان ۾ آهي: هن آيت مان مَعلوم ٿيو ته جنهن ڏينهن الله تعالٰي جي خاص رَحمت نازِل ٿئي ان ڏينهن کي عِيد بڻائڻ، خوشيون ملهائڻ، عبادتون ڪرڻ ۽ الله جو شڪر ادا ڪرڻ صَالِحِين (نيڪ ماڻهن) جو طريقو آهي ۽ بيشڪ تاجدارِ رِسالت صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تشريف آوَرِي يقيناً الله تعالٰي جي عظيم ترين نعمت ۽ بُزرگ ترين رَحمت آهي۔ ان ڪري حُضور پُر نُور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وِلادَتِ مُبارَڪه جي ڏينهن عِيد ملهائڻ ۽ مِيلاد شريف پڙھي شڪرِ اِلٰهي ادا ڪرڻ ۽ فَرحَت ۽ سُرور (خوشي) جو اِظهار ڪرڻ مَحمود (ساراھ جي لائق) ۽ الله عَزَّ وَجَلَّ جي مَقبول ٻانهن جو طريقو آهي، جيئن ته