Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

الْـعَـالِـيَـه جي رِسالي "163 مَدَني گل" مان مِسواڪ بابت مدني گل ٻڌون ٿا۔ پهرين ٻه فرمان مصطفيٰ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو: ٭ ٻه رڪعتون مسواڪ (يعني ڏندڻ) ڪري پڙهڻ بغير مِسواڪ جي 70 رڪعتن کان افضل آهن ـ (الترغيب والترهيب ج 1 ص 102 حديث 18) ٭ مِسواڪ جو استعمال پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو ڇو ته هي وات جي صفائي ۽ ربّ تعالٰي جي رضا جو سبب آهي. (مسند امام احمد بن حنبل ج 2 ص 438 حديث 5869) دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب ”بهار شريعت“ جلد پهريون صفحي 288 صدرُالشّريعه، بدرُالطريقه، حضرت علامه مولانا مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا، مشائخ ڪرامرَحْمَۃُ اللّٰہ ِتَعَالٰی عَلَیْہِمْ اَجْمَعِیْن فرمائن ٿا: جيڪو شخص مسواڪ جو عادي هجي ته مرڻ وقت ان کي ڪلمو نصيب ٿيندو، ۽ جيڪو آفيم کائي ٿو مرڻ وقت ان کي ڪلمو نصيب نه ٿيندو ٭ حضرت سيدنا ابن عباس رَضِىَ الله تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي ته مسواڪ ۾ ڏهه خوبيون آهن:(ڪجهه هي آهن) وات کي صاف ڪري ٿو، مسوڙن کي مضبوط ڪري ٿو، نظر تيز ڪري ٿو، بلغم ختم ڪري ٿو، وات جي ڌپ ختم ڪري ٿو، سنت جي موافق آهي، فرشتا خوش ٿيندا آهن، ربّ  راضي ٿئي ٿو،  ٭ سيّدنا امام شافعي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: چار شيون عقل وڌائينديون آهن: فضول ڳالهين کان پرهيز، مسواڪ جو استعمال، نيڪ ماڻهن جي صحبت، پنهنجي علم تي عمل ڪرڻ (احياءُالعلوم ج 2 ص 27) ٭ مسواڪ پيلو(کبڙ) يا زيتون يا نم وغيره جي ڪَوڙي ڪاٺي جي هجي ٭ مسواڪ جي ٿولھ چيچ جي برابر هجي ٭ ڏندڻ جڏهن استعمال جي قابل نه رهي ته اڇلائي نه ڇڏيو، جو هي سنّت ادا ڪرڻ جو ذريعو آهي، ڪنهن جڳھ تي احتياط سان رکي ڇڏيو يا دفن ڪري ڇڏيو يا