Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

پنهنجو رومال( handkerchief ) ڪڍي ڏنو ۽ فرمايائون، لڏونءَ جي ٿانوَ تي وجهي ڇڏيو ۽ تاڪيد فرمايائون ته تبرڪ رومال جي هيٺان کان ڪڍي ڪري ورهايو وڃي پر ٿانوَ کي کولي نه ڏٺو وڃي، اهڙيءَ ريت خوب لڏون ورهايا ويا ۽ هر هڪ شخص کي لڏون ملي ويا. آخر ۾ جڏهن ٿانءُ کوليو ويو ته رومال وجهڻ وقت ٿانوَ۾جيترا لڏون هئا اوترا ئي هاڻي به موجود هئا!    (فيضانِ سنت،ص۳۵۵)

عِیدِ مِیْلادُ النَّبِی ہے دِل بڑا مَسْرُور ہے                                    ہر طرف ہے شادمانی رَنج و غَم کافُور ہے

جَشنِ مِیْلادُ النَّبِی ہے کیوں نہ جُھومیں آج ہم                             مُسکراتی ہیں بہاریں سب فَضا پُر نُور ہے

آمِنہ تجھ کو مُبارَک شاہ کا مِیْلاد ہو                                           تیرا  آنگن  نُور،تیرا  گھر  کا  گھر سب  نُور  ہے

 

سرڪار جي آمد…مرحبا ٭٭ سردار جي آمد …مرحبا ٭٭ ٭٭ سالار جي جي آمد … مرحبا
مختار جي آمد …مرحبا
٭٭ غمخوار جي آمد …مرحبا ٭٭ تاجدار جي آمد …مرحبا
شاندار جي آمد …مرحبا

مرحبا يا مصطفي    مرحبا يا مصطفي         مرحبا يا مصطفي         مرحبا يا مصطفي

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقِعي مان اسان کي ڪجھ مَدَني گل حاصل ٿيا مَثال طور ٭ خليفه اعليٰ حضرت، صَدرُ الافَاضِل حضرت علّامه مولانا مفتي سَيد محمد نعيمُ الدِّين مُراد آبادي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه هڪ باڪرامت بُزرگ هئا، جِن جي ڪرامَت سبب مِيلاد شريف جي لڏوئن ۾ ايتري قَدَر بَرَڪت ٿي جو تمام حاضِرين ۾ ورهائڻ کان پوءِ به انهن لڏوئن جو تعداد ايترو ئي رهيو جيترو اوهان جي رُومالِ باڪمال جي ڍڪڻ کان اڳ ۾ هو، ٭  مِيلاد جي محفلن يا بزرگن سڳورن جي عرس وغيره جي موقعي تي بِرياني يا قورمي وغيره جي ذريعي لنگر ڪرڻ ضروري نه آهي، لڏو، بالُو شاهي يا اهڙي طرح جي ڪنهن به قسم جو لنگر ڪرڻ سان به مِيلاد شريف جون