Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

Book Name:Kiun Barhvi Pe He Sabhi Ko Pyar Aa Gya

ڪردار جي مُختَلِف روشن پهلوئن ۽ شاندار فرمانن سان اُمَّت کي فَيضياب ڪرڻ جي لاءِ هر وَقت ڪوشش ڪري رهي آهي۔ ته پوءِ انهيءَ مَقصَد تَحت دَعوَتِ اسلامي جي شُعبي مڪتبةُ المدينه هڪ ڪتاب ”سِيرتِ مُصطَفٰي“ شايع ڪيو آهي۔ (هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ٿي چڪو آهي، شايع  ٿيڻ باقي آهي،نيٽ تي موجود آهي) اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  هن ڪتاب ۾ سَرڪارِ مدينه، راحتِ قَلب و سِينه صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون عادتون ننڍپڻ جا واقعا، اسلامي غَزَوات جيباري ۾ دِلچسپ معلومات ۽ اِيمان اَفروز واقعا، مَڪه مُڪرَّمَه کان مَدِينه مُنَوَّرَه ڏانهن هجرَت، مڪي ۽ مَدَني زِندگي جا مبارڪ واقعا ۽ رحمت عالَم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُختَلِف مُعجِزن وغيره کي بَيان ڪيو ويو آهي، تنهنڪري اڄ ئي هن ڪتاب کي مڪتبةُ المدينه جي بستي تان هدِيةً طَلَب ڪري پاڻ به ان جو مُطالَعو ڪيو ۽ ٻين کي به پڙهڻ جي ترغيب ڏياريو۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي رِيڊ (يعني پڙهي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيشڪ بي چين دِلين جي چين، رَحمتِ دارَين، تاجدارِ حَرَمَين، سَروَرِ ڪونَين، ناناءِ حَسَنَين صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جهان ۾ فَضل ۽ رَحمت بڻجي تشريف فرما ٿيا ۽ الله عَزَّ وَجَلَّ جي رَحمت جي نازل ٿيڻ جو ڏينهن يقيناً خوشي جو ڏينهن هوندو آهي جيئن،

سيپارو 11 سوره يونُس جي آيت نمبر 58 ۾ رب رَحمٰن عَزَّوَجَلَّ  جو فرمانِ ذِيشان آهي:

 

قُلْ بِفَضْلِ اللّٰهِ وَ بِرَحْمَتِهٖ فَبِذٰلِكَ فَلْیَفْرَحُوْاؕ-هُوَ خَیْرٌ مِّمَّا یَجْمَعُوْنَ(۵۸) (سيپاري ۱۱،يونس۵۸)

تَرجَمَو ڪنز الايمان: تون فرماءِ الله جي ئي فَضۡل ۽ سندس رَحۡمَت تي جڳائي ته خوشي ڪن اهو انهن جي سموري ڌن دولت کان بهتر آهي۔