Beauty of Mustafa ﷺ

Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

پنهنجي شهر پهچي ان جي قيمت موڪلي ڏيندس۔ (هي چئي) پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اٺ جي واڳ پڪڙي هلڻ لڳا، قافلي وارن کي جيستائين پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ نظر ايندا رهيا، هو پاڻ عَلَيه السَّلَام کي ئي ڏسندا رهيا، جڏهن پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي نگاهن کان پري ٿيا ته هاڻي اهي پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته هي اسان ڇا ڪيو، الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! اسان  اٺ  هڪ اهڙي شخص کي ڏنو آهي جنهن کي اسان سڃاڻون به نٿا ۽ نه ئي اسان ان کان قيمت وصول ڪئي آهي۔ اسان ڳالهين ۾ لڳل رهياسين۽ هو شخص اسان جو اُٺ وٺي هليو ويو۔ ايتري ۾ جيڪا عورت انهن سان گڏ هئي، ان چيو: الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! مون انهن جو چهرو ڏٺو آهي انهن جو چهرو چوڏھين جي چنڊ جو ٽڪرو هو، اَنَا ضَامِنَۃٌ لِثَمَنِِ جَمَلِکمْ آئون توهان جي اُٺ جي ضامن آهيان، جيڪڏهن هو تشريف نه آيا ته قيمت مون کان وٺجو.(دلائل النبوة للبيهقي،ج۵/۳۸۱   ملخصا)

      اهڙي طرح هڪ خاتون جنهن جو نالو اُمِّ مَعبد هو، اُنهن  رحمت عَالم، نبي محتشم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حُسن  ۽ جمال کي نهايت ئي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي، فرمائن ٿيون: ”مون هڪ اهڙي ذات ڏٺي آهي، جنهن جو حُسن نُمايان هو، جن جو چہرو خُوبصورت ۽ تخليق تمام بهترين هئي، گھڻا حَسين، اِنۡتہائي خُوبصورت هئا، اکيون ڪاريون ۽ وڏيون، پَلڪون ڊگهيون هيون،` انهن جي آواز گُونج دار، ڳِچي چمڪدار، جڏهن ته ڏاڙھي مُبارَڪ گھاٽي هئي۔ ٻَئي ڀِرون باريڪ ۽ مليل هيون۔ انهن جي مُبارَڪ قَد ۾ به اعتدال هو، نه ايترو ڊگھو قَد جو ڏسي ڪري بُرو لڳي، نه ايترو ننڍو جو ڏسي ڪري حقير معلوم ٿئي، پَري کان ڏسو ته تمام گھڻو  رُعب دار ۽ حَسين ۽ جميل نظر ٿي آيا ۽ جڏهن ويجھي کان ڏٺو وڃي ته ان کان به گھڻو خوبصورت ۽ حَسين ڏسڻ ٿي آيا۔  (سبل الهدي والرشاد، الباب الرابع في هجرۃ الخ، ۳/۲۴۴ملتقطا)

حُسن و جمالِ مصطفيٰ  مرحباصدمرحبا        اَوج و کمالِ مصطفيٰ مرحبا صد مرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد