Beauty of Mustafa ﷺ

Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

               سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! الله تبارڪ وتعاليٰ پنهنجي محبوب صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڪهڙو لازوال ۽  عمده حُسن ۽ جمال عطا فرمايو هو جو ڏسڻ وارو ڏسندو ئي رهجي ويندو هو۔ ياد رکو! حُضور عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي صورت سان گڏوگڏ سيرت  ۾ به اوهان جھڙو ڪو نه هو۔ ڪي ماڻهو اهي هوندا آهن جو جيڪڏهن انهن کان صرف سلام دعا جي حد تائين تعلق هجي ته اهي نهايت نيڪ ۽ اعليٰ اخلاق جا مالڪ نظر ايندا آهن، پر جڏهن انهن کان ڏيتي ليتي جو معاملو ڪيو

وڃي، يا  انهن سان رشتيداري ڪئي وڃي ته انهن جي حقيقت جو پتو پوندو آهي ته ڪيترا نيڪ ۽ ڪيترا بااخلاق آهن، پر پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جو مُعامله اهڙو نه هو، پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته ڪامِلُ الاَخلَاق هئا، ننڍو هجي يا وڏو،  مرد هجي يا عورت، پوڙهو هجي يا جَوان، آقا هجي يا غُلام هر هڪ  سان اسان جي پياري آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اَخلاقي ورتاؤ ايترو پيارو هوندو هو جو ماڻهو مُتَاثِّر ٿي پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ساراھ ڪندا هئا، پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي حُسنِ اَخلاق سان مُتَاثِّر Impressed)) ٿي اَجنَبي پهنجائپ محسوس ڪندا هئا، جيڪي پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کان پري هوندا هئا ته اهي به  پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کي صَادق ۽ اَمين چوندا هئا، جيڪي پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کان ڏيتي ليتي ڪندا هئا ۽ غَيرمسلم هوندا هئا ته سندن اَخلاق کان مُتَاثِّر ٿي مسلمان ٿي ويندا هئا ۽ جيڪڏهن ڏيتي ليتي ڪندڙ مسلمان هوندا هئا ته انهن جا ايمان  مظبوط ٿي ويندا هئا ۽  هو پاڻ عَلَيه السَّلَام جي نالي تي پنهنجون جانيون به  قربان ڪرڻ کان پاسو نه ڪندا هئا۔

 سرکش جو تھے قائل ہوئے دُشمن جو تھے مائل ہوئے

مسحُور کُن ہے کِس قدر یا مُصطفیٰ لہجہ تیرا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

                        مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان غورڪريون ته اسان جا  گھر وارا،