Beauty of Mustafa ﷺ

Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

جيڪڏهن ڪو غمگين ان سان برڪت حاصل ڪندو هو ته ان جو غم خوشي ۾ تبديل ٿي ويندو هو، جنهن جي جسم جي ڪنهن حصي تي لڳي ويندو هو ته

ان جو اهو حصو خوشبو دار ٿي ويندو هو، جيڪڏهن ڪو زَخْمي ۽ بيمار شخص لعابِ مبارڪ کي  استعمال ڪندو هو ته شفاياب ٿي ويندو هو۔ جيئن ته حضرت سيدُناسَهل بن سَعد رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته حضور نبي اَڪرم، نُوْرِمُجَسَّم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ خيبر جي ڏينهن ارشاد فرمايو: ”مان هي جھنڊو سڀاڻي هڪ اهڙي شخص کي ڏيندس، جنهن جي هٿ تي الله عَزَّوَجَلَّ فتح عطا ڪندو، اهو الله عَزَّ وَجَلَّ ۽ ان جي رسو ل سان محبت ڪري ٿو ۽ الله عَزَّ وَجَلَّ ۽  ان جو رسول ان سان مَحَبَّت ڪن ٿا۔‘‘راوي چون ٿا: ”صحابه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان اها رات وڏي بي چيني سان گذاري ته ڪهڙي خوش نصيب کي سرڪارصَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جھنڊو عطا ڪندا۔“ صبح جو پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇا ڪيائون: ”علي بن ابي طالب (رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه ) ڪٿي آهن؟“ صحابَه ڪرام عرض ڪيو: ”يا رَسُولَ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهي اکين جي تڪليف ۾ مبتلا آهن۔“ ارشاد فرمايائون: ”انهن کي مون وٽ آڻيو!‘‘ جڏهن پاڻ  رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه حاضرِ خدمت ٿيا ته سرڪار صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي اکين تي پنهنجو لُعابِ مبارڪ  (Blessed Saliva) لڳايو ۽  ان جي لاءِ  دعا ڪئي۔ ان جي برڪت سان پاڻ رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه جون اکيون هڪدم ٺيڪ ٿي ويون ۽  اهڙيون ٺيڪ ٿيون ڄڻ ته ڪڏهن تڪليف ٿي ئي نه۔(صحيح مسلم، ڪتاب فضائل الصحابۃ، باب من فضائل علي بن ابي طالب،الحديث:۶۲۲۳،ص۱۰۰۷)

جس کے پانی سے شاداب جان وجِناں

اس دَہن کی طَراوت پہ لاکھوں سلام

(حدائق بخشش،ص۳۰۲)

الله عَزَّوَجَلَّ  جي پياري محبوب صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جودهن (وات) اقدس علم ۽ حڪمت جو چشمو به آهي ۽ ان دهن جي تري جان ۽ دل جي لاءِ راحت ۽ سڪون ۽ تر ۽ تازگي جو باعث به آهي مان پنهنجي آقا جي دهن مبارڪ جي تري تي به لکين سلام موڪليندو آهيان۔

حُسن و جمالِ مصطفیٰ  مرحباصدمرحبا                 اَوج و کمالِ مصطفیٰ  مرحبا صد  مرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد