Beauty of Mustafa ﷺ

Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

کي به نهايت عُمده انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي، تنهنڪري اڄ ئي مڪتبةُ المدينه تان هنن ڪتابن کي هديةً حاصل ڪيو ۽ ان جو مُطالعو پاڻ به ڪيو ۽ ٿي سگھي ته ٻين اسلامي ڀائرن کي به ترغيب ڏياريو۔ هنن ڪتاب کي دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

                        مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا، مٺي مصطفيٰ، سيدِ انبياء، حبيبِ خدا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حُسن و جمال جي، سندن روشن ۽ مُنور چهري جي ڇا ڳالھ آهي  ته پري پري کان ماڻهو دِيدار جي لاءِ ايندا هئا ۽  دامنِ اسلام سان وابسته ٿي ويندا هئا، الله عَزَّ وَجَلَّ پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جلوئن سان سڄي ڪائنات کي عزّت بخشي ۽ پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حُسن وجمال سان سڄي جھان کي مزين Adorn)) فرمايو، تڏهن ته اڄ پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ نور آفاقِ عالم  ۾ چمڪي رهيو آهي، الله عَزَّوَجَلَّ پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مهڪ سان سڄي ڪائنات کي معطر ڪيو آهي، ٿورو سوچيو! جنهن آقا جي حسن ۽ جمال جو هي عالم آهي ته خود انهن جي ذاتِ مُبارڪه جو  ڇا عالم هوندو، پر افسوس ته جنهن آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حسن ۽ جمال جو تذڪرو ٻڌڻ جي لاءِ اسان محفلون سجايون، مرحبا يا مصطفي جون ڌُومون مچايون، ڇا  انهيءَ آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانن کي ڇڏي غير مسلمن جي نقل ڪنداسين؟ ڇا سُنّتن ڀريو لباس ڇڏي نِت نوان فيشن (Fashion) اپنائينداسين؟ ڇا پياري آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اکين جي ٿڌاڻ نماز کي ڇڏينداسين؟ ڇا چهري کي ڏاڙھي شريف کان سجائڻ جي بدران ڏاڙهيون ڪوڙينداسين؟ پياري آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ان عظيم سُنّت کي ڇا گندي نالين ۾ وهائنداسين؟ ڇا اڃا به والدين جي نافرماني ۽  رشتيدارن سان بدسلوڪي سان پيش اينداسين؟ ڇا اڃا به فلمن ڊرامن، گانن باجن ۽ ٻين غيرشرعي ڪمن ۾ پنهنجي زندگي برباد ڪنداسين؟