Beauty of Mustafa ﷺ

Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

ڇا اها ئي محبتِ رسول جي تقاضا آهي؟ اسان کي ته صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي نقشِ قدم تي هلندي نبي ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اطاعت وفرمانبرداري ڪرڻ گھرجي، جن ڪمن کان بچڻ جو حڪم ارشاد فرمايو ويو، انهن جي قريب به نه وڃڻ گھرجي ۽  جن ڪمن جي ڪرڻ جو حڪم ارشاد فرمايو ويو آهي،ان ۾ هر گز دير نه ڪرڻ گھرجي، ڇوته هڪ مسلمان تي اللهعَزَّ  وَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اِطاعت

واجب آهي، جيئن سپارو 9سُوْرَۃ الاَنْفال آيت نمبر1 ۾ فرمانِ باري تَعالٰي آهي :

وَ اَطِیْعُوا اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗۤ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِیْنَ(۱) (پ۹،الانفال :۱)

 ترجمو ڪنزالايمان:۽ الله ۽ رسول جو حڪم مڃيو جيڪڏهن توهان ايمان رکو ٿا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به هر حال ۾ الله عَزَّ  وَجَلَّ ۽  ان جي رسول صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪريون ۽ پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنّتن تي مضبوطي سان عمل ڪندي زندگي گذاريون ڇوته اهو ئي اسان جي نَجاتSalvation) ) جو ذريعو آهي۔ اچو! ان باري ۾ ٻه (2) فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو: جيئن ته

1.      ارشادفرمايائون: مَن اَطَاعَنِي دَخَلَ الْجَنَّۃَ وَ مَنْ عَصَانِي فَقَدْ اَبيٰ، يعني جنهن منهنجو حڪم مڃيو، اهو جنَّت ۾ داخل ٿي ويو ۽  جنهن منهنجي نافرماني ڪئي اهو اِنڪار ڪرڻ وارو ٿي ويو۔        (بخاري، ۴/۴۹۹، حديث:۷۲۸۰ )

2.      ارشاد فرمايائون: توهان مان ڪو ان وَقت تائين (ڪامل) مومن نٿو ٿي سگھي، جيستائين ان جي خواهش منهنجي آندل جي تابع نه ٿي وڃي۔                                    (مشڪاۃ المصابيح، ڪتاب الايمان، باب الاعتصام...الخ، ج۱، ص۵۴، الحديث:۱۶۷)

               مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو اطاعتِ رَسُول جنت ۾ داخلي جو سبب آهي، ياد رهي! اطاعت ۾ هر اهو ڪم شامل آهي، جنهن کان بچڻ جو حڪم آهي (ته انهن کان بچڻ اطاعت آهي) ۽ اهي ڪم به داخل آهن جنهن کي ڪرڻ جو حڪم اِرشاد فرمايو آهي، جيئن نماز پڙھڻ ۽ ٻيا نيڪ ڪم ڪرڻ ضروري آهن، اهڙي طرح ڪوڙ، غيبت، وغيره گُناهن کان بچڻ به لازِم آهي، پر افسوس! اڄ