Beauty of Mustafa ﷺ

Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

               مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! هڪ ڏينهن مَوت اسان جي حياتي ختم ڪري قبر ۾ سُمهاري ڇڏيندي، پوءِ بروزِ محشر ربّ عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ بيهي حساب ڏيڻو پوندو، سوال ٿيندو عمر ڪهڙن ڪمن ۾ گذراي؟ پوءِ ٻيو سوال ٿيندو جواني ڪهڙن ڪمن ۾ گذاري؟ بالخصوص منهنجا نوجوان اسلامي ڀائرو! ان وقت اسان ربّ عَزَّوَجَلَّ جي بارگاه ۾ ڪهڙو جواب ڏينداسين ته اي مالڪ! مون پنهنجي جواني گلي، محلن ۽  چوڪن  تي فضول ڪچهرين ۾ وڃائي ڇڏي يا سڄي سڄي رات سوشل ميڊيا تي فضوليات ۾ مشغول رهي برباد ڪئي۔ ٿورو غور ڪريو! جيڪڏهن انهن برن ڪمن جي ڪري بروزِ قيامت حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجو چهرو مبارڪ ڦيري ورتو ته پوءِ ڪير اسان جو مدد گار ٿيندو؟ اوهان جي علاوه ڪنهن کان شفاعت جي خيرات گھرنداسين؟

 

تمہارانام مصیبت میں جب لیا ہوگا                    ہمار بگڑا ہوا کام بن گیا ہوگا

دکھائی جائے گی محشر میں شان محبوبی               کہ آپ ہی کی خوشی آپ کا کہاہوگا

خدائے پاک کی چاہیں گے اگلے پچھلے خوشی         خدائے پاک خوشی ان کی چاہتا ہوگا

کسی کے پاؤ ں کی بیڑی یہ کاٹتے ہوں گے           کوئی اَسیرِ غم ان کو پکارتا ہوگا

کسی کے پلّہ پہ ہوں گے یہ وقتِ وزن عمل         کوئی امید سے منہ ان کاتک رہا ہوگا

کوئی کہے گا دُہائی ہے یَارَسُوْلَ اللہ                  تو کوئی تھام کے دامن مچل گیاہوگا

                                                                                                                       (ذوقِ نعت،ص ۳۵،۳۶)

 

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو، پر اهو ذهن نشين رهي ته ڪنهن به عملِ خير ۾ سٺي نيت جو مطلب هي آهي ته جيڪو عمل ڪيو پيو وڃي، دل ان ڏانهن مُتَوجِّه هجي ۽ اهو عمل رِضاءِ الٰهي جي لاءِ ڪيو وڃي، ان نيت سان عبادات کي هڪ ٻئي سان جدا  ڪرڻ يا عبادت ۽  عادت  ۾ فرق ڪرڻ مقصد هوندو آهي۔ ياد رهي! صِرف زَباني