Beauty of Mustafa ﷺ

Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

ڪمن ڏانهن گامزن ڪري رهي آهي اتي تمام گورنمنٽ ۽ پرائيويٽ اسڪولز، ڪالجز، يونيورسٽيز ۽ مُختلِف تعليمي اِدارن سان وابسته ماڻهن ۾ تبليغِ قرآن

۽سُنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ مجلس شُعبه تعليم جو قِيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جنهن جو بُنيادي مَقصَد انهن اِدارن سان وابسته ماڻهن کي دعوتِ اسلامي سان وابسته ڪندي سُنّتن جي مُطَابِق زِندگي گُذارڻ جو مدني ذِهن ڏيڻ آهي، هي مجلس ڪالجز ۽ يونيورسٽيز جي استادن (Teachers) ۽ شاگردن  (Students) سان سٺين سٺين نيتن سان تعلق قائم ڪري انهن کي تاجدارِ رِسالت، شهنشاھ نُبُوَّت  صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنّتن جي پهچان ڪرائي ٿي۔ ۽ تَعْليمي اِدارن ۾ مدني اِنعامات جو سِلسِلَو جاري ڪندي ۽ هاسٽل ۾ مدرسة المدينه بالِغان قائم ڪري هنن مُستَقبِل جي مِعْمارن جي دِيني ۽ اَخْلَاقي تَربِيت جي هر مُمڪن ڪوشش ڪندي آهي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڃا تائين بي شُمار بي عمل شاگردن، گناهن کان توبه ڪري نمازي ۽ سُنّتن جا عادي بڻجي چڪا آهن۔ الله عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي سمورين مجلسن کي خوب برڪتون عطا فرمائي۔ اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

 دعوتِ اسلامی کی قیُّوم دونوں جہاں میں مچ جائے دھوم 

اس پہ فدا ہو بچہ بچہ یا اللہ! میری جھولی بھر دے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

               مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان حُسن ۽ جمالِ  مصطفي جي باري ۾ ٻڌو، اسان ٻڌو ته

v        اسان جي آقا، مُحَمَّد رَسُوْلُ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو حُسن ۽ جمال  بي مثل ۽ بي مثال ،

v        اسان جي آقا، مُحَمَّد رَسُوْلُ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڏند مبارڪ چمڪدار، زُلف خَمدار،