Beauty of Mustafa ﷺ

Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

    انهيء ٻارهين تاريخ جي پياري پياري نسبت سان دعوتِ اسلامي جي گھٽ مان گھٽ 12 هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماعن ۽ هفتيوار مدني مذاڪرن ۾ اوّل تا آخر شرڪت ۽ پاڻ سان گڏ انفرادي ڪوشش ڪري گھٽ مان گھٽ ٻه ٻه اسلامي ڀائر گڏ آڻڻ جي نيت ڪيو۔ هن ارادي سان هٿ کڻي زور سان چئو
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّ  وَجَلَّ ۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پياري آقا، سيدالانبياء صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادتِ باسعادت جي خوشي ۾ ربيع الاوّل ۾ بلڪ ٿي سگھي ته هٿوهٿ 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪري وٺو۔

اسان سڀئي دعوتِ اسلامي جي هن پياري پياري مدني ماحول سان هر دم وابسته رهون، اڄ جي هن مبارڪ رات جي عظيم گھڙين ۾ عاشقانِ رسول جي صحبت حاصل ڪندي نيڪ عملن جون سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو، فرض علم سکڻ، مدني انعامات جو روزانه فڪرِ مدينه ڪرڻ ۽ مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ جون نيتون ڪري وٺو۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! ميلادِ مُصطفي جي ڪجھ حَسِين گھڙين جو ذِڪر ٻڌون ٿا، ته جڏهن منهنجي آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دنيا ۾ تشريف آوري ٿي، تاريخ ڇا هئي؟ ڏينهن ڇا هو؟ ڪهڙيون حالتون هيون؟ اچو ٻڌو۽ ايمان تازو ڪيو۔

ماه ربيع الاوّل جي 12 تاريخ ۽ ڏينهن دو شنبه يعني سومر آهي، حضرتِ سيدنا عبدالمطلب رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْه ، پياري نبي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري ڏاڏا سائين حرم شريف ۾ اچي ويا آهن، حضرتِ آمنه رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْها گھر ۾ اڪيليون آهن، ڇوته سسُ ۽ مڙس اڳ ۾ گذاري چڪا هئا، سُهرو خانه ڪعبه جو طواف ڪرڻ ۾ مشغول آهي، سندن خيال ڪيو ته ڪاش! هن وقت خاندانِ عبدِ مناف جون ڪجھ عورتون مون وٽ هجن ها، اوچتو ڇا ڏسن ٿيون ته نهايت