Beauty of Mustafa ﷺ

Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

خوبصورت ۽ سهڻين عورتن سان گھر ڀرجي ويو ۔ پاڻ رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْها انهن کان پڇيو؛ ”بيبيون! توهان ڪير آهيو؟ ڪٿان کان آيون آهيو؟ ۽ ڇو آيون آهيو؟“ اُنهن مان هڪ چيو،” مان اُمُّ البشر تمام انسانن جي ماء، آدم جي گھرواري حوّا آهيان“ رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْها ، ٻيءَ چيو،” مان فرعون جي گھرواري آسيه آهيان“رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْها ۽ ٽينءَ چيو،”مان عيسيٰ روح الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي والده مريم آهيان رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْها ۽ باقي تمام عورتون جنت جون حورون آهن، اڄ ڪونين جي گھوٽ، عالمين جي داتا، فقيرن جي ملجا ۽ ماوٰي محمد رسولُ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آمد آمد آهي، سندن استقبال ۽ اوهان جي خدمت جي لاءِ اسان آيون آهيون۔ اي آمنه رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْها ! دروازي کان ٻاهر نگاھ وجھو چئني پاسي جيستائين نظر وڃي ملائڪن جا ميلا آهن، گھر ۾ حُورون در تي ملائڪ آهن، جنهن جون قطارون آسمان تائين آهن“۔حاضرين ۾ ڪجھ اهڙي طرح ساراھ ٿي رهي آهي۔(مجموع لطيف انسيي في صيغ  المولدالنبوي القدسي،ص۲۹۲،ملخصاً)

 

آئی نِدا کہ آمنہ جاگے تیرے نصیب                 آئیں گے تیری گودی میں اللہ کے حبیب

کہا حوروں نے یہ محبوبِ ربُّ العالمیں ہوں گے     فِرشتوں نے کہا سرکار ختم المرسلیں ہوں گے

زمیں بولی کہ یہ اسرارِ قدرت کے امیں ہوں گے     فَلک بولا کہ ان کے بعد پیمبر نہیں ہوں گے

 

پيارا نبي، مٺا نبي، سٺا نبي، سچا نبي، آمنه جي اکين جا تارا نبي، دائي حليمه جا دُلارا نبي، بي سهارن جا سهارا نبي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ختنه شده، ناف بريده(دن وڍيل) سُرمگين اکين (اکين ۾ سرمو پاتل) سان تشريف فرما ٿيا۔ هر قسم جي گندگيءَ کان پاڪ بلڪ گندگيءَ کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ تشريف وٺي آيا۔ غيب مان آواز اچڻ لڳي ربِّ ڪعبه (عَزَّوَجَلَّ) جي قسم! ڪعبي کي عزت ملي وئي ۔ هوشيار ٿيو جو ڪعبي کي ان جو قبلو ۽ مسڪن قرار ڏنو ويو۔

محبوبِ ربِّ العزت، مصطفي جانِ رحمت، تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت