Beauty of Mustafa ﷺ

Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ۾ تشريف آڻيندي ئي ربّ عَزَّ وَجَلَّ جي بارگاھ ۾ سجدو ڪيو۔ مبارڪ اڱريون آسمان ڏانهن کنيل هيون۔ جنّتي گلن کان وڌيڪ حسين چَپ حرڪت ڪري رهيا ها ۽ آواز آيو پئي؛ رَبِّ ھَبۡ لِيۡ اُمَّتِيۡ ، رَبِّ ھَبۡ لِيۡ اُمَّتِيۡ ، رَبِّ ھَبۡ لِيۡ اُمَّتِيۡ، ولادت ِ مُصطَفٰي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي موقعي تي 3 جھنڊا نصب ڪيا ويا، هڪ اوڀر ۾، هڪ اولھ ۾ ۽ هڪ خانه ڪعبه جي ڇت تي۔

 حضرتِ سيدتنا آمنهرَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْها فرمائن ٿيون، وِلادت ِ مُصطَفٰي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وقت اهڙو نور چمڪيو جو اولھ ۽ اوڀر روشن ٿي ويا ۽ مون مڪي مان شام جا محلات واضح طور تي ڏسي ورتا۔

 آمِنہ تجھ کو مبارک شاہ کا میلاد ہو
تیرا آنگن نور،تیرا گھر کا گھر سب نور ہے
اِس طرف جو نور ہے تو اُس طرف بھی نور ہے
ذرَّہ ذرَّہ سب جہاں کا نُور سے معمور ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                 صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّ وَجَلَّ جي حبيب صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ۾ تشريف فرما ٿيندي ئي سجدو فرمايو، ڪاش! اُن سجدي جي صدقي ۾ اسان کي سجدن جي توفيق نصيب ٿئي ۽ اسان پنج ئي نمازون مسجد ۾ تڪبيرِ اوليٰ سان پهرين صف ۾ پڙھڻ جا عادي بڻجي وڃون۔ ياد رکو! هر مسلمان مرد ۽ عورت تي پنج وقت جي نماز فرض آهي۔نماز جي فرضيت جو انڪار ڪرڻ وارو ڪافر آهي، چاهي ان جو نالو ۽ ٻيا ڪم مسلمانن وارا هجن۔جيڪو بد نصيب هڪ وقت جي نماز به ڄاڻي واڻي قضا ڪندو آهي ان جو نالو جهنم جي دروازي تي لکيو ويندو آهي ۔

رُوحُ الامیں نے گاڑا کعبے کی چھت پہ جھنڈا