Beauty of Mustafa ﷺ

Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

۽ نه قوت۔  (سنن ابن داود، ج 4 ص 420 حديث 5095) اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّ وَجَلَّ انهيءَ دعا کي پڙهڻ جي برڪت سان سڌي واٽ تي رهندو مصيبتن کان حفاظت ٿيندي ۽ اللهعَزَّ وَجَلَّجي مدد شاملِ حال رهندي.  ٭ گهر ۾ داخل ٿيڻ جي دعا؛ اَللّٰھُمَّ اِنِّيۤ اَسْأَ لُک خَيرَ الْمَوْلَجِ وَ خَيرَ الْمَخْرَجِ بِسْمِ الله وَلَجْنَا وَ بِسْمِ الله خَرَجْنَا وَ عَلَي الله رَبِّنَا تَوَکلْنَا (اَيضاً۔حديث۵۰۹۶) ترجمو؛ يا الله
عَزَّ وَجَلَّ! آئون تو کان داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ جي ڀلائي گهران ٿو، اللهعَزَّ وَجَلَّ جي نالي سان اسان (گهر۾) داخل ٿياسين ۽ انهي جي نالي سان ٻاهر آياسين ۽ پنهنجي پالڻهار اللهعَزَّ وَجَلَّ تي اسان ڀروسو ڪيو) دعا پڙهڻ کانپوءِ گهر وارن کي سلام ڪري پوءِ بارگاھِ رسالت ۾ سلام عرض ڪري ان کان پوءِ ”سوره اِخلاص“ شريف پڙهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ روزي ۾ برڪت، ۽ گهرو جهيڙن کان بچاءُ ٿيندو پنهنجي گهر ۾ ايندي ويندي مَحارِم ۽ مَحرمات (مثال طور ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، ٻارن ٻچن وغيره) کي سلام ڪريو. الله (عَزَّ وَجَلَّ) جو نالو وٺڻ کان بغير مثال طور بِسْمِ الله چوڻ بغير جيڪو پنهنجي گھر ۾ داخل ٿيندو آهي، شيطان به اُن سان گڏ داخل ٿي ويندو آهي جيڪڏهن اهڙي گهر (ڀلي کڻي پنهنجي خالي گهر) ۾ وڃڻ ٿئي جو اُن ۾ ڪو به نه هجي ته هيئن چئو؛ اَلسَّلَامُ عَلَیْنَا وَعَلٰی عِبَادِ الله الصّٰلِحِیْن (يعني اسان تي ۽ الله عَزَّ وَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن تي سلام) ملائڪ انهيءَ سلام جو جواب ڏيندا۔ (رَدُّالْمُحتارج۹ ص ۶۸۲) يا هن ريت چوي؛ اَلسَّلامُ عَلَیْکَ اَیُّـھَاالنَّبِیُّ (يعني اي نبي توهان تي سلام) ڇوته حضور اقدسصَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو روح مبارڪ مسلمانن جي گهرن ۾ تشريف فرما هوندو آهي۔ (بهار شريعت حصو 16 ص 96، شرح الشفاء للقاري ج 2 ص 118) ٭ جڏهن ڪنهن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ چاهيو ته هيئن چئو؛ اَلسَّلامُ عَلَیْکُم ڇا مان اندر اچي سگھان ٿو؟ جيڪڏهن داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملي ته خوشي سان موٽي وڃو، ٿي سگھي ٿو ڪنهن مجبوري جي ڪري گهر جي مالڪ اجازت نه ڏني هجي جڏهن ڪو توهان جي گهر جو دروازو کڙڪائي ته سنت اها آهي ته پڇو؛ ڪير آهي؟ ٻاهران واري کي گهرجي ته پنهنجو نالو ٻڌائي؛ مثال طور چوي؛ ”محمد الياس“ نالو ٻڌائڻ جي بدران انهيءَ موقعي تي ”مدينه!“ ”آئون