Beauty of Mustafa ﷺ

Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو وهاڻو چمڙي جو هو جنهن ۾ کجي جي ڇال(يعني ڇوڏا،سنهن پتن) سان ڀريل هئا، کٽ ٻٻر جي ڪاٺي جي هئي جيڪا کجيءَ جي پنن جي رسي سان واڻيل هئي، حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ٻه عمامه هئا، هڪ جو نالو سحاب جڏهن ته ٻي کي عُقاب چيو ويندو هو، پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ضرورت وارين شين ۾ تلوار ذُوالفَقَار، ڏاچي عضباء، خچر دُلدُل، گڏھ يعفور، گھوڙو بحر، ٻڪري برڪة، عصا ممشوق ۽ جھنڊو ’’لِواءُ الحَمد‘‘ جي نالي سان مشهور هو، پاڻ سڳورا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اُٺ کي پاڻ ٻڌندا هئا ۽ ان کي گاهه ڏيندا هئا، ڪپڙن کي چتيون لڳائيندا هئا ۽ جُوتي جي اصلاح به پاڻ ئي ڪندا هئا۔ مڪمل حُليو مُبارڪ بيان فرمائڻ کان بعد اَمِيرُالمُؤمنين حَضرتِ سَيدُنا مَوليٰ علي شيرِ خدا کَرَّمَ الله تَعَالٰي وَجهه الکَرِيم ارشادفرمايو:لَمْ اَرَ قَبْلَہٗ وَ لَا بَعْدَہٗ مِثْلَہٗ، مون حُضُور عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام کان پهريان ۽ پاڻ عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام کان پوءِ اوهان جھڙو ٻيو ڪو نه ڏٺو۔(ازالۃ الخفا، ۴/۴۹۹،ملتقطاً وترمذي: ۵/۳۶۴، حديث: ۳۶۵۷ و: ۳۶۵۸)

حُسن تیرا سا نہ دیکھا نہ سُنا                           کہتے ہیں اگلے زمانے والے

وہی دھوم ان کی ہے مَاشَاءَاللہ                                                      مِٹ گئے آپ مٹانے والے

(حدائقِ بخشش:161)

حُسن و جمالِ مصطفیٰ  مرحبا صد مرحبا

اَوج و کمالِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

عز وجلال مصطفیٰ مرحباصد مرحبا

عادات وخصالِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

عظمت وشانِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته مولاءِ ڪائنات حضرت سَيدُنا علي المرتضيٰ