Beauty of Mustafa ﷺ

Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه پنهنجي پياري آقا عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي مبارڪ حُسن ۽ جَمال ۽ عادتن ۽ خصلتن کي ڪيتري خوبصورت انداز ۾ بيان فرمايو جو پاڻ ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ نرم دل  يتيمن ۽ ٻارن سان محبت ڪرڻ وارا هئا، پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ عاجزي جا اهڙا پيڪر هئا جو پاڻ پنهنجن ڪپڙن ۾ چتيون لڳائيندا هئا پر اسان آهيون جو اسان کي هر تقريب ۾ نئون سُوٽ لازمي کپي ۽ چڱي حالت ۾ موجود ڪپڙا به بِلاوجه ضائع ڪندا آهيون، اسان جا آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ته پنهنجو ڪم پنهنجي هٿ سان ڪندا هئا پر اسان پنهنجي گھر وارن ۽ نوڪرن کان رعب سان ڪم ڪرائيندا آهيون ۽ جيڪڏهن خلافِ مزاج ڪم ٿئي ته گھر وارن سان وڙهڻ ۽ نوڪرن کي مار ڪٽ کان به پاسو نٿا ڪيون، ڪڏهن ڪڏهن ته نوڪري تان به فارغ ڪري ڇڏيندا آهيون۔ ياد رکو! اسان جنهن ڪريم آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪلمو پڙھيو آهي ان جي ڪردار مان ته اسان کي عاجزي، انڪساري، ننڍن تي شفقت ۽ ملازمن (Servants) سان حُسنِ سُلوڪ جو درس ملي ٿو، تنهنڪري  نبي ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سيرت ِمبارڪه کي اپنايو ۽ پنهنجي دنيا ۽ آخرت کي بهتر بڻايو ڇوته پاڻ ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اخلاق ۽ عادتون بي مثل ۽بي مثال  آهن، پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام تمام مخلوق ۾ منفرد ۽ ممتاز آهن، يقيناً اَوَّلين ۽ آخرين ۾ اهڙي حسن ۽ جمال ۽ خوبي ۽ڪمال وارو ڪو نه هو، نه آهي، نه ڪڏهن ٿيندو، تڏهن ته مولاءِ ڪائنات رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه سرورِ ڪائنات صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سِيرت ۽ صورت ٻنهي کي بيان ڪندي سچ ئي فرمايائون: لَمْ اَرَ قَبْلَه وَلَا بَعْدَه مِثْلَه۔ يعني مون اوهان کان پهريان ۽ اوهان کان بعد اوهان جھڙو ڪو ٻيو نه ڏٺو ۔

 مشهورمُفسرِقرآن، حڪيمُ الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: حضرات صحابه ڪرام (عَلَيهمُ الرِّضوَان) حُضُور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مثل ڇا ڏسن ها خدا ته حُضُور (عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام) جي مثل بڻايو ئي ناهي۔ (مرآۃ المناجيح، باب اسماء النبي و صفاته، الفصل الثاني،  ۸/۵۸، ملتقطاً)